لاڙڪاڻو( رپورٽ: نادر ابڙو)لاڙڪاڻي شهر جي شيخ زيد ڪالوني جو رهواسي نوجوان سيد نويد شاهه ولد علي مدد شاهه گذريل رات گهران نڪرڻ بعد مبينا طور اغوا ٿي ويو جنهن کان پوءِ ڌاڙيلن نوجوان جي موبائل نمبر تان فون ڪري وارثن کان 10 لک رپيا ڀنگ جي رقم گهري ورتي آهي، ڀنگ جي رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ نوجوان کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي، اهڙي فون ڪال اچڻ بعد وارثن حد جي وليد ٿاڻي تي پهچي پوليس کي شاهديون ڏئي اين سي داخل ڪرائي ڇڏي آهي. ان حوالي سان نوجوان جي وارث سيد امير علي شاهه ٻڌايو ته اسان جو نوجوان سيد نويد شاهه گذريل رات ساڍي اٺين وڳي گهران نڪتو جيڪو رات دير تائين گهر واپس نه موٽيو جنهن کان پوءِ سندس ئي موبائل فون نمبر تان اڻڄاتل شخص جي فون آئي جنهن چيو ته سيد نويد شاهه کي هنن اغوا ڪيو آهي جنهن لاءِ 10 لک رپيا ڀنگ ڏئي نوجوان کي آزاد ڪرايو ٻي صورت ۾ هو کيس قتل ڪري ڇڏيندا،هن ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان ڪا به دشمني ناهي اسان جي نوجوان کي خبر ناهي ڪنهن اغوا ڪري ظلم ڪيو آهي. ٻئي طرف وليد ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته نوجوان جي وارثن اين سي داخل ڪرائي آهي مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا آھيون جلد نوجوان کي بازياب ڪرايو ويندو.