ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم اڳواڻن ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ خواجا اظھار الزام ھنيو آھي ته 15 ھزار وٺي ڪشمور، لاڙڪاڻي ۽ ٻين شھرن جي رھواسين کي ڪراچي جو ڊوميسائيل ٺاھي ڏنو وڃي ٿو ، ڪالهه پريس ڪانفرنس ڪندي هنن چيو آ ته ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا لاءِ ڪراچي جي ڪوٽا 1180 آھي، ڪراچي جون 400 سيٽون ٻاھرين شاگردن کي ڏيڻ جا اطلاع آھن، ھنن چيو ته قومي خزاني کي70 سيڪڙو اسان ڏيون ٿا، انهي باوجود اسانجي ٻارن سان ظلم ڪيو پيو وڃي، هنن چيو ته ڪراچي جي شاگردن کي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ 90 سيڪڙو داخلائون ڏئي آئينده ڪراچي شهر جي ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ الڳ سان ورتي وڃي، ھنن چيو ته سنڌ ۾ وسيلا اسان جا۽ مسئلا حڪمرانن جا آھن، اسان کي وسيلن کان محروم ڪيو ويو آهي، سنڌ جا سمورا ادارا ھاءِ جيڪ ٿيل آھن ، ڊوميسائيل جي نالي تي پاڪستان جي سڃاڻپ وڪرو ڪئي پئي وڃي، سنڌ جي هڪ اڳوڻي چيف جسٽس مھاجرن سان نفرت ۾ ڊوميسائلن بابت غاصباڻو فيصلو ڏنو، تازو وري مختلف سياسي پارٽين جا ججز مقرر ڪيا ويا آھن، هنن چيو ته ھاڻي ڊوميسائلن جو مسئلو عدليا ۽ ايوان بدران ڪنهن ٻي ھنڌ حل ٿيندو، هنن چيو ته ڊوميسائل معاملي جو چيف جسٽس ۽ آرمي چيف نوٽيس وٺن، ھوڏانھن سنڌ اسيمبليءَ ۾ ايم ڪيو ايم جي پارلياماني ليڊر افتخار عالم چيو آهي ته ڪراچي کي سنڌ حڪومت برباد ڪري ڇڏيو آهي، هر ڏينهن ڪراچي جو عوام پنهنجون حياتيون وڃائي رهيو آهي جنهن کي صحيح طرح سان گاڏي هلائڻ نٿي اچي انهي کي سنڌ جا ڪرپٽ ادارا هيوي گاڏين هلائڻ جو لائسنس جاري ڪري ڇڏين ٿا. هنن وڌيڪ چيو ته غير تربيت يافته ۽ نشي جا عادي ماڻهو هن شهر ۾ هيوي گاڏيون هلائين ٿا، انهي مسئلي کي لسانيت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي. جيڪڏهن عوام ظلم خلاف احتجاج ڪري ته پوليس کيس گرفتار ڪري ڇڏي ٿي پر عوام جي قاتلن کي ڪير گرفتار ڪرڻ وارو ناهي.