لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀروارن علائقن ۾ گذريل رات دير تيز هوائن ۽ ڳڙي سان پيل برسات سبب مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو، طوفاني برسات سبب شهر جي جناع باغ چوڪ سميت ٻين مک چوڪن تي لڳل وڏا سائن بورڊ ۽ وڻ ڪِري پيا جنهن جي نتيجي ۾ ٽريفڪ جي رواني سخت متاثر رهي ۽ واقعن ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو، تيز هوائن سان برسات سبب شهر توڙي ٻهراڙي ۾ بجلي جا ڪيترائي فيڊر ٽرپ ٿي ويا جنهن ڪري لاڙڪاڻي شهر جا اڪثر علائقا اونداهي ۾ ٻڏل رهيا. طوفاني برسات کان پوءِ شهر جي سرڪٽ هائوس روڊ، سول اسپتال ۽ ان سان لاڳاپيل اسپتال جي مختلف شعبن، پير سرڪٽيو روڊ، درگاهه قائم شاهه بخاري روڊ، ايمپائر روڊ، سبحان الله چوڪ، سچل ڪالوني، ميروخان چوڪ، نئون ديرو چوڪ سميت ٻين روڊن رستن تي برساتي پاڻي تلاءُ جي صورت اختيار ڪري ويو جتي ڪيترائي ڪلاڪ گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل رهيو جنهن ڪري شهرين کي سخت مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پئجي ويو. هوڏانهن موسميات کاتي طرفان لاڙڪاڻي شهر ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ طوفاني برسات جي اڳواٽ اڳڪٿي ڪرڻ جي باوجود ميونسپل انتظاميه طرفان برساتي پاڻي جي ترت نيڪالي لاءِ ڪي به جوڳا انتظام نه ڪيا ويا هئا جنهن ڪري ڪجهه منٽن جي برسات انتظاميه جي پت وائکي ڪري ڇڏي، اهڙيون خبرون نشر ٿيڻ بعد ميونسپل انتظاميه جاڳي پئي ۽ ميئر جي هدايتن تي ميونسپل عملي تحرڪ ۾ اچي شهر جي مختلف روڊن توڙي علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي ڇڏيو جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ اڃان تائين گوڏي جيڏو برساتي پاڻي بيٺل آهي. ان حوالي سان شهرين پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير، مڪاني ادارن واري کاتي جي صوبائي وزير سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته شهر مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي بجلي بحال ڪري رليف فراهم ڪيو وڃي. هوڏانهن موسميات کاتي طرفان لاڙڪاڻي شهر ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ 38 ملي ميٽر برسات ڪندي 9 مئي تائين وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

قمبر ۾ به برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، شهرين کي ڏکيائيون

قمبر (رپورٽر) قمبر ۾ تيز طوفان ۽ برسات تباهي مچائي ڇڏي، نيڪال وارو نظام درست نه هئڻ ڪري برساتي پاڻي شهر جي مکيه روڊن رستن بس اسٽئنڊ روڊ، سئنيما روڊ، باگوديرو روڊ،ميونسپل روڊ،شاهي بازار، مستوئي محلي واري روڊ سميت اڪثر روڊن رستن تي تلائن جي صورت ۾ بيهجي ويو،جنهن سبب اچ، وڃ ۾ ماڻهن کي سخت تڪليف جو منهن ڏسڻو پيو، ضلعي هيڊ ڪوارٽر واري شهر قمبر جي ميونسپل ڪميٽي جنهن جي ماهوار 2 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ بجيٽ هئڻ باوجود انتظامي نااهلي ۽ لاپرواهي سبب گٽر نالن جي صفائي ڪرائڻ توڙي نيڪال واري نظام جي بهتري لاءِ ڪي به ڪوششون نه وٺڻ ڪري برسات جي صورت ۾ شهر پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي وڃڻ ڪري هڪ طرف ماڻهن کي تڪليفون ڏسڻيون پوڻ ٿيون ته وري ٻئي پاسي لاڳيتو پاڻي بيهڻ ڪري روڊن رستن جي حالت به جلد خراب ٿي وڃي ٿي هنڌان هنڌان ٽٽي پون ٿا ۽ انهن ۾  کڏا پئجي وڃن ٿا.