لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ ) لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ دلمراد کوکر مان پنج مهينا گذرڻ باوجود برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، پاڻي بيهڻ ڪري ڳوٺاڻن جي لاشن کي سندن گهرن جي احاطي ۾ غسل ۽ ڪفن ڏيڻ بجاءِ ڳوٺ ٻاهران ئي تدفين ڪئي پئي وڃي.حافظ تاج محمد، نظر محمد، بشير احمد کوکر ۽ ٻين دانهيو ته ضلعي انتطاميا برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي. هنن چيو ته فوتگي جي صورت ۾ لاش کي گهرن جي احاطي ۾ غسل ۽ ڪفن ڏيڻ به مشڪل بڻجي ويو آهي.پاڻي مان گذري زندگي وڏي مشڪل سان گذاري رهيا آهيون. هنن مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد ٻوڏ ۽ برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي رليف فراهم ڪيو وڃي.