لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي شهر جي سچل ٿاڻي جي حد آبڙو واهه واري علائقي مان مهينو اڳ جوابدارن گهر ۾ گهڙي پورهيت ذوالفقار قاضي جي گهر واري ڪونج سميت ٽن پٽن ۽ ٽن نياڻين کي مبينا طور اغوا ڪري کڻي ويا هئا، جنهن کان پوءِ متاثر پورهيت اهڙي واقعي جي ايف آءِ آر حد جي سچل ٿاڻي تي شهر جي ڀينس ڪالوني واسي شعيب ابڙو سندس والد غلام مصطفيٰ ابڙو، شاهنواز ۽ ڪامران سميت 5 جوابدارن مٿان داخل ڪرائي وئي، پوليس ڪاروائي ڪري ٽن جوابدارن غلام مصطفيٰ سندس ٻن پٽن شاهنواز ۽ ڪامران ابڙو کي گرفتار ڪري جيل اماڻي ڇڏيو آهي، جڏهن ته پوليس مُک جوابدار شعيب ابڙو کي اڃا تائين گرفتار نه ڪري سگهي آهي. ان حوالي سان متاثر پورهيت ذوالفقار قاضي دانهيندي چيو ته رات جي وقت جوابدارن گهر ۾ گهڙي منهنجي گهر واري ڪونج سميت پٽن ۽ ٽن ڌيئرن اڳ ڄاون ٻارن 10 ورهين جي وقار، 8 ورهين جي ريحان، 6 ورهين جي حيدر، سندس ٻارن 4 ورهين جي قلب فاطمه، 3 ورهين جي عروج فاطمه ۽ 6 مهينن جي فلڪ فاطمه کي اغوا ڪري ڪار ۾ کڻي گم ڪري ڇڏيو، مهينو گذرڻ باوجود زال ۽ 6 ٻار بازياب نه ٿي سگهيا آهن، خدشو آهي ته جوابدار منهنجي گهر واري ۽ ٻارن کي قتل ڪري ڇڏيندو. هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري زال ۽ ٻارن کي بازياب ڪرايو وڃي. ٻئي طرف جاچ آفيسر علي بخش جلباڻي ٻڌايو ته ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري جيل اماڻي ڇڏيو آهي، جلد مک جوابدار شعيب ابڙو کي گرفتار ڪري 6 ٻارڙن سميت عورت کي بازياب ڪرايو ويندو.