لاڙڪاڻو/نئون ديرو(نمائندن وٽان) لاڙڪاڻي ضلعي ۾ 5 سالن کانپوءِ 4 ورهين جي ٻارڙي کي پوليو وائرس جي تصديق، نئون ديرو ڀرسان ڳوٺ ڀوت خروس ۾ 4 ورهين جي ٻارڙي تسليم ڌيءَ سعدالله خروس ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي. ان حوالي سان ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر شوڪت ابڙو ٻڌايو ته ڳوٺ ڀوت خروس ۾ ٻارڙي تسليم ڌيءَ سعدالله خروس جي طبيعت خراب ٿيڻ تي پوليو وائرس جو شڪ هئڻ تي رت جا نمونا وٺي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ سائنسز اسلام آباد اماڻيا ويا هئا، جاري ٿيل رپورٽ ۾ ٻارڙي ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي، جنهن جي صحت سڌندڙ آهي، هن چيو ته متاثر ٻارڙي کي مسلسل پوليو مخالف مهم دوران پوليو جا ڦڙا پياريا ويا هئا جنهن سبب خطري واري صورتحال ناهي، ڪوشش آهي ته متاثر ٻارڙي کي بهتر کان بهتر علاج فراهم ڪيون.
پوليو وائرس اڃا شروعاتي مرحلي ۾ آهي، دوائن وسيلي ڪنٽرول ڪيو ويندو: شوڪت ابڙو
نئون ديرو: ڊي ايچ او لاڙڪاڻو شوڪت ابڙو ٻڌايو ته ڳوٺ ڀوت خروس ۾ نينگري تسليم ڌيءَ سعد الله خروس کي پوليو وائرس هجڻ جي تصديق ٿي آهي، جنهن جي رپورٽ پڻ پازيٽو اچي وئي آهي. نينگري جي حالت سڌرندڙ آهي کيس مسلسل پوليو جا ڦڙا پيئاريا ويا هئا ۽ وئڪسين پڻ ڪيون ويون هيون، جنهن ڪري پوليو وائرس اڃا شروعاتي مرحلي ۾ آهي جنهن کي دوائن جي وسيلي ڪنٽرول ڪيو ويندو.
هلندڙ سال پوليو جا 3 ڪيس ظاهر، گذريل سال پاڪستان ۾ 74 ڪيس رپورٽ ٿيا
نئون ديرو: اي پي آءِ جي فوڪل پرسن عابد منگي ٻڌايو ته ڊبليو ايچ او جي ٽيمن پاران سروي دوران نينگري جا سيمپل وٺي ليبارٽري اماڻيا هئا، جيڪا رپورٽ اچڻ بعد نينگري تسليم کي پوليو وائرس هجڻ جي تصديق ٿي وئي آهي. هلندڙ سال ۾ پوليو جا ٽوٽل 3 ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جڏهن ته گذريل سال پاڪستان ۾ 74 ڪيس رپورٽ ٿيا هئا، جن مان بلوچستان ۾ 27، سنڌ ۾ 23، ڪي پي ڪي ۾ 22، پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ هڪ – هڪ ڪيس ظاهر ٿيا هئا.
معصوم ٻارڙي کي شڪارپور مان پوليو وائرس لڳڻ جو شڪ ظاهر
نئون ديرو: 5 ورهين کان لاڙڪاڻو پوليو کان مڪمل پاڪ هيو ۽ ڪو به ڪيس ظاهر نه ٿيو هو، ٻڌايو پيو وڃي ته متاثر نينگريءَ جا شڪارپور ۾ مائٽ آهن، جتي هڪ ڪيس ظاهر ٿيو هو ۽ شڪ آهي ته کيس پوليو وائرس اتان وچڙيو آهي.