لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار برقرار آهي، هڪ ئي ڏينهن ۾ رولو ڪتن 13 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، جن ۾ 40 ورهين جو غلام فريد، 50 ورهين جو دين محمد، 12 ورهين جو مزمل، 58 ورهين جي شانل، 40 ورهين جي شازيه، مرادان خاتون ۽ ٻيا شامل آهن جن کي سندن وارثن ڌار ڌار زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ قائم اينٽي ربيز ويڪسين سينٽر منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن کين ويڪسين ۽ ضروري علاج ڏئي گهر روانو ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته ڪتن ڏاڙهيل زخمين جو شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن سان آهي جن کي ضروري علاج ڏئي گهر روانو ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف زخمين جي وارثن ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته فوري طور ڪتا مار مهم شروع ڪري رولو ڪتن جي آزار کان بچايو وڃي.