لاڙڪاڻو: سينٽرل جيل جي گيٽ تي پوليس اهلڪارن ۾ جهيڙو ٿيو آهي، جنهن دوران هڪٻئي تي لتن ۽ مڪن جو وسڪارو ڪيو ويو
پوليس اهلڪار عشرت شاهه موجب لوهه سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي کي گيٽ کان ٻاهر وڃن کان روڪيو ته حملو ڪيو ويو
زخمي اهلڪار الزام هنيو ته جيل ۾ مقرر ذوالفقار موريو، امتياز کوسو، همٿ جاگيراڻي۽ٻين اهلڪارن حملو ڪري زخمي ڪيو
عشرت شاهه موجب گيٽ تي ڊيوٽي آهي، لوهه ٻاهر کڻي وڃڻ وارو ليٽر پڇيو هو، جيل اندر رشوت جي بازار گرم آهي
پوليس اهلڪار ڪوريج لاءِ پهتل صحافين کان ڪيمرائون بند ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا
جيل سپرنٽينڊنٽ موجب پوليس اهلڪار سيد عشرت شاهه ڪراچي بدلي ڪرڻ تان الزام هڻي رهيو آهي