لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) تعليم کاتو مخصوص اسڪولن مٿان مهربان بڻيل، لاڙڪاڻي شهر جي 6 اسڪولن اندر ايس ٽي آر سسٽم کان وڌيڪ استاد مقرر هجڻ جو انڪشاف، ٻهراڙي وارن علائقن جا اسڪول استادن جي کوٽ جو شڪار، 6 اسڪولن اندر ٽوٽل 313 استاد مقرر، 126 استاد واڌو، تفصيل موجب لاڙڪاڻي شهر جي گورنمينٽ گرلز مغل هاءِ اسڪول ۾ ٽوٽل 55 ٽيچرز مقرر ٿيل آهن، جڏهن ته اسڪول ۾ شاگردياڻين جي داخلا 757 آهي، جنهن جي ايس ٽي آر ريشو مطابق اسڪول اندر واڌو 29 استاد ويٺل آهن، گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول شيخ زيد 2 ۾ 45 ٽيچرز مقرر آهن، جڏهن ته داخل شاگردياڻين جو تعداد 701 آهي، جنهن ۾ ايس ٽي آر ريشو مطابق 21 واڌو استاد مقرر ٿيل آهن، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول بهارپور ۾ 44 استاد مقرر آهن، جتي داخل شاگردن جو تعداد 787 آهي، جنهن جي ايس ٽي آر ريشو مطابق اسڪول ۾ 17 واڌو استاد مقرر آهن، اهڙي ريت گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول رحمت پور ۾ 35 استاد مقرر آهن ۽ داخل شاگردن جو تعداد 650 آهي، ايس ٽي آر ريشو مطابق اسڪول ۾ 13 واڌو استاد مقرر آهن، بوائز هاءِ اسڪول شيخ زيد ۾ 81 استاد مقرر آهن، جنهن ۾ داخل شاگردن جو تعداد 1716 آهي، جتي ايس ٽي آر ريشو مطابق 23 واڌو استاد مقرر ٿيل آهن، گورنمينٽ ڊي سي هاءِ اسڪول ۾ ٽوٽل 53 استاد مقرر آهن، جڏهن ته داخل شاگردن جو تعداد 896 آهي جتي ايس ٽي آر ريشو مطابق 23 واڌو استاد مقرر آهن، هوڏانهن شهر جي سڄاڻ ڌرين جو چوڻ آهي ته لاڙڪاڻي ضلعي جي ڀرپاسي ٻهراڙي وارا اسڪول استادن جي کوٽ جو شڪار آهن، جتي شهر جي اسڪولن ۾ ويٺل واڌو استادن کي اهڙن اسڪولن ۾ مقرر ڪرڻ جي ضرورت آهي پر تعليم کاتو ان طرف ڪو بهڌيان نه پيو ڏئي، جنهن ڪري ٻهراڙي جي اسڪولن ۾ پڙهندڙ شاگردن جي تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته واڌو استادن کي کوٽ جو شڪار اسڪولن ۾ مقرر ڪيو وڃي، هوڏانهن ڊائريڪٽر سيڪنڊري اسڪول ايجوڪيشن لاڙڪاڻو عبدالعزيز چاچڙ سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هن ميٽنگ ۾ هجڻ جو جواز ڄاڻائي فون بند ڪري ڇڏيو.