لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي شهر جي گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول واپڊا ڪالوني جي 17 هين گريڊ جي هيڊماسترياڻي مديحه فاطمه کوکر طرفان مبينا طور 5 سينيئر ماسترياڻين منور سلطانه ڪلهوڙو، راڻي خاتون ڪلهوڙو، هدايت خاتون، گلناز ۽ ناهيد اختر سومرو کي بريڪ ڊيوٽي نه ڪرڻ واري معاملي تان هٿ ۾ ٻهارا کڻائي اسڪول جي صفائي جو ڪم ڪرايو ويو. سوشل ميڊيا تي اهڙي ويڊيو وائرل ٿي وئي آهي، جنهن ۾ سينيئر ماسترياڻين کي هٿ ۾ ٻهارا کڻي اسڪول جي ڪلاس، ورانڊي سميت مختلف هنڌن جي صفائي ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. اهڙي معاملي خلاف اسڪول جي ماسترياڻين منور سلطانه ڪلهوڙو، راڻي خاتون ڪلهوڙو، هدايت خاتون، گلناز ۽ ناهيد اختر سومرو احتجاج ڪندي دانهيندي الزام لڳايو ته اسڪول ۾ مقرر 17 هين گريڊ جي هيڊماسترياڻي مديحه فاطمه کوکر اسان کي مسلسل هراسان ڪري اسڪول جي لاءِ پئسن سميت ٻين شين جي ڊمانڊ ڪندي آهي ايتري حد تائين جو اسان کان اسڪول صاف ڪرايو، جنهن ۾ اسان پاڻ ٻهاري ڏني آهي،هيڊماسترياڻي بريڪ ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ زور ڀري رهي آهي انڪار تي اسان کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري بدلي ڪرڻ سميت بالا آفيسرن جي ڌمڪي ڏني.ٻي طرف الزام هيٺ آيل اسڪول جي هيڊماسترياڻي مديحه فاطمه کوکر ماسترياڻين جي الزامن کي رد ڪندي چيو ته جيڪو واقعو ٿيو ان تي ڏاڍو افسوس ۽ شرمندگي جي ڳالهه آهي، اسان اسڪول جي ماسترياڻين سان گڏجي ڪري صفائي جو عالمي ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪيو ته جيئن ٻارن کي صفائي جي باري ۾ ڄاڻ ملي جنهن ڪري مون سميت اسڪول جي ماسترياڻين ۽ ٻارن به اسڪول جي صفائي ڪئي، جنهن ۾ ڪجهه ماسترياڻين انڪار ڪيو. هن چيو ته جيڪا ويڊيو وائرل ٿي آهي ان ۾ اسڪول جي اندر اڳ ئي صفائي ٿيل آهي، جيڪي الزام لڳائي رهيا آهن مان کانئنس زبردستي صفائي ڪرائي آهي جيڪي صرف الزام آهن انهن ۾ ڪا به صداقت ناهي، مان ٻارن جي ڀلائي لاءِ فلاحي ڪم ڪري رهي آهيان. منهنجي جيڪا ڊيوٽي آهي اها مان فرض سمجهي ڪري رهي آهيان.