ڪراچي( رپورٽ: حبيب جمالي) لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي هٽائڻ جو فيصلو، ڪشمور، جيڪب آباد ۽ شڪارپور جي ايس ايس پيز جي به تبديلي جا امڪان، ان ڏس ۾ گھرو وزير بريگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز چيو آهي ته لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي جاويد سونهارو جسڪاڻي کي هٽائي ناصر آفتاب کي ڊي آءِ جي مقرر ڪيو ويندو، جڏهن ته ايس ايس پي لاڙڪاڻو عبدالرحيم شيرازي کي به هٽايو ويندو، ڪجهه ٻين ايس ايس پيز کي به تبديل ڪيو ويندو. جيڪو ڪم نه ڪندو،ان کي هٽائي ڇڏينداسين. ٻئي طرف جيڪب آباد، شڪارپور ۽ ڪشمور جي ايس ايس پيز کي به هٽائڻ جا امڪان آهن