لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي ڪوثر مل پاڙي جي رهواسي گورنمينٽ پائليٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ اٺين جماعت جي تعليم حاصل ڪندڙ شاگرد ذوالفقار جروار پريس ڪلب اڳيان اسڪول انتظاميه خلاف احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته  درسي ڪتاب نه ملڻ تي مون رياضي جي استاد کي شڪايت ڪئي، شڪايت تي استادن مون سان ساڻس بدتميزي ڪئي،بعد ۾ اهڙي شڪايت پرنسپال ڪئي پر پرنسپال استادن جي  ڳالهه ٻڌي مون کي اسڪول مان نيڪالي ڏئي ڇڏي آهي.هن چيو ته  اسڪول ۾ ٻارن کي درسي ڪتاب نه ٿا ڏنا وڃن، شڪايت ڪرڻ تي کين اسڪول مان نيڪالي ڏئي سندن جي مستقبل کي تباهه ڪيو پيو وڃي. ٻئي پاسي شاگردن جي الزامن واري ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کان پوءِ اسڪول جي پرنسپال زاهد هليو ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ايليمينٽري سيڪنڊري ۽ هائير سيڪنڊري کي خط اماڻيندي شاگرد جي سمورن الزامن کي بي بنياد ۽ اسڪول جي بدنامي جو ڪارڻ قرار ڏئي ڇڏيو آهي.