لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ڊويزن جي ڪمشنر طاهر حسين سانگي، ڊي سي لاڙڪاڻو ۽ سکر بئراج رائيٽ بئنڪ لاڙڪاڻي ريجن جي چيف انجنيئر جي سفارش تي رائيس ڪئنال، گهاڙ واهه ۽ آبڙو واهه ۽ ان مان نڪرندڙ شاخن مان واري کڻڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪمشنر سنڌ حڪومت طرفان مليل اختيارن جو استعمال ڪندي رائيس ڪئنال، گهاڙ واهه، آبڙو واهه ۽ انهن مان نڪرندڙ شاخن مان واري کڻڻ تي ٽن مهينن لاءِ قلم 144 لڳائي ڇڏيو آهي. انهيءَ قانون تحت حدن جي ايس ايچ اوز کي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف قلم 144 سي آر پي سي جي سيڪشن 188 پي پي سي تحت لکت ۾ ڪمپلين داخل ڪرڻ جا اختيار ڏنا ويا آهن