لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شھر جي ناليواري سماجي شخصيت خدمت معصوم ويلفيئر ٽرسٽ جي باني مرحوم انور علي کوکر جي وفات کانپوءِ سندس خاندان جي ڪنهن به سار نه لڌي، مرحوم جي ننڍي گهرواري پنهنجي ٻارن سان گڏجي مالي سهائتا لاءِ احتجاج ڪندي چيو آهي ته مڙس سڄي عمر بي سهارا ماڻهن ۽ يتيم ٻارن جي خدمت ڪئي، وفات کان پوءِ سندس يتيم ٻارڙا بک ۽ بدحاليءَ جي ور چڙهي ويا آهن، تڪليفن واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي شهر جي مشهور سماجي شخصيت خدمت معصوم ويلفيئر ٽرسٽ جي باني مرحوم حاجي علي انور کوکر جي بيواھ ننڍي گهرواري پنهنجي ٻارڙن سان گڏجي مالي سهائتا لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي بيواھ عورت روبينه خاتون کوکر پنهنجي ڌيئرن عاصمه، عصمه، پٽن انيس علي، فهيم ۽ شعيب کوکر سان گڏجي ميڊيا آڏو لڙڪ لاڙيندي مالي سهائتا جي گهر ڪئي آهي .