لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي قديمي درسگاهه گورنمينٽ پراونشلائزڊ ميونسپل هائير سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻو طرفان اسڪول ۾ ٻن ڏينهن جو “ڪتابي ميلو” لڳايو ويو آهي جنهن جو افتتاح تعليم کاتي جي ڊائريڪٽر عبدالعزيز چاچڙ، محتسب اعليٰ لاڙڪاڻي ڊويزن جي ڊائريڪٽر اڪبر جاگيراڻي، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر لاڙڪاڻو الله بخش سومرو، گسٽا اڳواڻ نظر محمد مغيري، گورنمينٽ ميونسپل اسڪول جي پرنسپال قلندربخش مغيري، گورنمينٽ ڪامرس ڪاليج جي پرنسپال رضوان گل، گورنمينٽ پائليٽ اسڪول جي پرنسپال زاهد علي هليو، گسٽا اڳواڻ علي حسن کوکر، تعلقه ايجوڪيشن آفيسر اي آر منگي، گسٽا اڳواڻ نظير احمد سولنگي، ممتاز ڪانڌڙو ۽ ٻين گڏجي ڪيو.
ڪتابي ميلي ۾ سنڌيڪا ڪتاب گهر، بوڪ ورلڊ بوڪ شاپ ۽ نيشنل فائونڊيشن طرفان سنڌي، انگريزي، اردو ٻولي ۾ تاريخ، سياست، جاگرافي، سائنس سميت ٻين مختلف موضوعن جا ڪتاب 50 سيڪڙو رعايتي قيمت تي خريداري لاءِ رکيا ويا آهن. ڪتابي ميلي ۾ گورنمينٽ پائليٽ اسڪول، گورنمينٽ سينٽ جوزف اسڪول، گورنمينٽ ديني مدرسو اسڪول، گورنمينٽ بهار پور اسڪول، گورنمينٽ شيخ زيد اسڪول سميت مختلف تعليمي ادارن جي شاگردن شريڪ ڪري پنهنجي پسند جا ڪتاب خريد ڪيا.