لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي شيخ زيد عورتاڻي اسپتال جي يونٽ ون جي گائناڪالاجسٽ ڊاڪٽرياڻين جي مبينا وڏي غفلت سامهون اچي وئي، ڊاڪٽرياڻين بغير ڳورهاري عورت جي ويم جو آپريشن ڪري سندس پيٽ ڦاڙي ڇڏيو آهي، ان حوالي سان متاثر عورت امينه چانڊيو جي مڙس محب علي چانڊيو دانهيندي چيو ته منهنجي گهر واري امينه چانڊيو جو ويم گهر ۾ ٿيو، جنهن ۾ پٽ جي اولاد ٿيو، جنهن کان پوءِ ميروخان جي ڊاڪٽرن ٻڌايو ته گهر واري جي پيٽ ۾ جاڙا ٻار آهن پر هڪ ٻار جو ويم ڪيو ويو ۽ ٻئي ٻار جي ويم لاءِ شيخ زيد عورتاڻي اسپتال اماڻيو ويو، جتي وومين اسپتال ۾ 4 ڪلاڪن تائين انتظار ڪرائڻ بعد گهر واري جو آپريشن ڪري چيو ته گهر واري جي پيٽ ۾ ڪو به ٻار ناهي، ان دوران اسپتال انتظاميه پنهنجي غلطي تي ايلاز منٿون ڪري رهي آهي. هن مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽرياڻين خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. ٻئي پاسي اهڙي واقعي بابت اسپتال جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينه آڊيو ليڪ ٿي وئي، جنهن ۾ ڊاڪٽرياڻي چئي رهي آهي ته سرجري کان اڳ الٽراسائونڊ ڪرايو ها ته آپريشن جي ضرورت نه پوي ها، انڌي ڊاڪٽر خالي يوٽرس سرجري ڪري کولي ڇڏيو. هوڏانهن چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال جي ميڊيڪل سپريٽيڊنٽ ڊاڪٽر نياز حسين ڏهر ٻڌايو ته اهڙي معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، ڪنهن به ڊاڪٽرياڻي يا اسپتال جي عملي مٿان غفلت ثابت ٿي يا ڪي ثبوت مليا ته ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.