لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي جي سهڪار سان آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو ۾ سنڌ ٿئيٽر فيسٽيول جاري آهي. ان سلسلي ۾ ليکڪ افق بشير چنه جو لکيل نائون سنڌي اصلاحي ڊرامو “آس نراس” فياض لاشاري ۽ داد محمد بلوچ جي ڊائريڪشن هيٺ آرٽس ڪائونسل جي اوپن ٿئيٽر ۾ پيش ڪيو ويو جنهن ۾ اداڪارن احمد پٺاڻ، ظفرکوکر، مير حسن بروھي، پطرس گل، عابدہ گل ۽ داد محمد بلوچ اداڪاري جا جوهر ڏيکاري احساسن سان ڀريل ڊائلاگن جي ذريعي پنڊال ۾ ويٺل ماڻهن کي پنهنجي سحر ۾ جڪڙي ورتو جنهن ڪري پنڊال ۾ خاموشي ڇائنجي وئي. ڊرامي ۾ ھڪ اھڙي فيملي ڏيکاري وئي جيڪا بدامني ۽ بدنصيبيءَ جو شڪار رھي ٿي. احمد پٺاڻ جو پٽ خادم، ماسات ڪونج عابده گل سان پيار ڪري ٿو ان جي شادي جي تاريخ طئي ٿي وڃي ٿي ته سندس پٽ کي ڊيوٽيءَ تي ويندي رستي تان ڌاڙيل اغوا ڪري سندس آزاديءَ لاءِ 30 لک ڀنگ گھرن ڪري خادم کي قتل ڪري لاش ڏيڻ جي ڌمڪي ڏين ٿا. جنھن ڪري اها فيملي آس نراس جو شڪار ٿئي ٿي. ھوڏانھن احمد پنهنجي پٽ کي آزاد ڪرائڻ لاءِ قرآن پاڪ کڻي سڄي ڳوٺ ۽ تر ۾ گھمائي ٿو ۽ ڌاڙيلن کي واسطا ڏئي ٿو ته منهنجي پٽ کي آزاد ڪيو. صدمي سبب ڪونج جي ماءُ بيھوش ٿي وڃي ٿي ۽ پوءَ مري وڃي ٿي. ٻئي طرف وري احمد جي ڀائٽي پنھنجي ٻارن سميت واهه ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏي ٿي. ائين اوچتو ڌاڙيل فون ڪري احمد کي چون ٿا تون پئسه نه ڏنا تون ڇا ٿو سمجھين ته قرآن پاڪ گھمائڻ جي ڪري اسان تنھنجي پٽ کي ڇڏي ڏينداسين. ھاڻي بند تان پٽ جو لاش کڻي وڃجانءِ ائين چئي ڪلاشنڪوف جا برسٽ ھلائين ٿا ان کان اڳ خادم پيءُ سان آخري موڪلاڻي ڪري ٿو. احمد جو ھيانءُ ڇڄي پوي ٿو. جنھن بعد اوچتو حد جو ايس ايڇ او اچي احمد کي سرپرائيز ڏئي ٿو ته پوليس تنھنجي پٽ خادم کي ڌاڙيلن سان مقابلو ڪري بازياب ڪرائي ورتو آهي ۽ ائين خادم کي اندر وٺي اچي ٿو احمد صدمي ۽ وري خوشي ملڻ تي دل ٽٽڻ سبب فوت ٿي وڃي ٿو. اھڙي طرح ڊرامو پڄاڻي تي پھچي ٿو.