لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) سنڌ جي ناليواري ڪلاسيڪل راڳي ۽ آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻو جي ميوزڪ شعبي جي چيئرمين عاشق نظاماڻي مايوس ٿي آرٽس ڪائونسل جي ميوزڪ جي چيئرمين شپ تان استعيفا ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي عاشق نظاماڻي ٻڌايو ته 8 مهينن کان اداري طرفان مسلسل نظرانداز ڪيو پيو وڃي، جنھن سبب پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏيڻ جو اعلان ڪيان ٿو، واضع رهي ته ڪجھ عرصو اڳ هو آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻو جي آرڪائيز شعبي جي چيئرمين شپ تان به استعيفا ڏئي چڪو آهي.