ڪراچي: لاڙڪاڻي،  نوابشاھه، سکر   ۽ ميرپورخاص ۾ نئين ٺاهيل 8 ٽائون ميونسپل ڪارپوريشنن کي 8 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا. ان حوالي سان ناڻي کاتي جي اختيارين پاران لاڙڪاڻي جي ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن حيدري، ايمپائر ٽائون، دڙي ٽائون ۽ سچل ٽائون، نوابشاھ جي ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن اولڊ نوابشاھ، سکر جي ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن نثار صديقي، ميرپورخاص جي ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن مير شير محمد خان ٽالپر ۽ ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن سيد خادم علي شاھ کي   هڪ هڪ ڪرر رپيا اڪائونٽ کولرائڻ سميت ٻين مختلف مدن ۾ جاري ڪيا ويا آهن،