لاڙڪاڻو/ميرو خان (نمائندن وٽان) لاڙڪاڻي ۽ ميرو خان ۾ رولو ڪتن، گڏهن ۽ پالتو ٻلين 26 ڄڻن کي چڪي زخمي ڪري وڏو، خبر موجب لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رولو ڪتن، گڏهن ۽ پالتو ٻلين 18 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو،  زخمين ۾ 13 ورهين جي دعا بتول، قلبِ زهرهه، 55 ورهين جي ايمنا خاتون، 58 ورهين جو بشير احمد، 5 ورهين جو يوسف، 70 ورهين جي پٺاڻي خاتون، 40 ورهين جو عبدالفتاح، 48 ورهين جو ارشد حيدر، 6 ورهين جي ماريه بيبي ۽ ٻيا شامل آهن، ميروخان ۾رولو ڪتن  ٻارڙن سميت 8 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو، زخمين ۾ عابد، حئي ڪلهوڙو، خديجه چانڊيو، عليزه سولنگي، محمد عمر تونيو ۽ ٻيا شامل آهن، جن کي اسپتال آندو ويو.