لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ ڪامسٽيڪ اسلام آباد وچ ۾ صحت، تحقيق، مصنوعي ذھانت، ٽيڪنالاجي ۽ جدت جي شعبي ۾ گڏيل سهڪار وڌائڻ لاءِ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. ان سلسلي ۾ معاهدي تي اسلام آباد ۾ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاهه ۽ ڪامسٽيڪ جي ڪوآرڊينيٽر جنرل پروفيسر ڊاڪٽر محمد اقبال چوڌري صحيحون ڪيون.يونيورسٽي جي ترجمان موجب ھي معاهدو گڏيل اڪيڊمڪ ۽ سائنسي تحقيقي پروگرامن، شاگردن ۽ فيڪلٽي جي مٽاسٽا ۽ اوريڪ جي ميمبر ملڪن جي شاگردن ۽ محققن لاءِ موقعا مهيا ڪرڻ جي لاءِ ڪيو ويو. ٻئي ادارا گڏجي ورڪشاپس، ڪانفرنسون، ۽ ٽريننگ پروگرام ترتيب ڏيندا ته جيئن اڪيڊمڪ سرگرمين ۽ ڪلينڪل خدمتن کي اوريڪ ملڪن ۾ هٿي وٺرائي سگهجي.جڏهن ته يونيورسٽي اوريڪ ملڪن جي هيلٿ ڪيئر فراهم ڪندڙن لاءِ ٽريننگ ورڪشاپس ۽ شارٽ ڪورسز مهيا ڪندو ۽ پنهنجي فيڪلٽي ميمبرن ۽ شاگردن کي اوريڪ ملڪن ۾ ڪلينڪل خدمتون ڏيڻ لاءِ موڪليندو.