لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) شهدادڪوٽ ڀرسان قبوسعيد خان شهر جي رهواسي محمد رفيق کوسو، نوجوان سجاد کهاوڙ ۽ ٻين سان گڏجي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن الزام لڳايو ته گذريل 2 فيبروري تي پي ٽي آءِ ليڊيز ونگ شهدادڪوٽ جي اڳواڻ ناهيد کهاوڙ مون کان هڪ ڪروڙ روپيا ڀتو طلب ڪيو آهي، انڪار تي هن پنهنجي هٿياربند ساٿين سميت 50 کان وڌيڪ ماڻهن سان گڏجي منهنجي زمين تي ڪاھه ڪري اسان مٿان حملو ڪندي فائرنگ ڪري زمين تي بيٺل فصل تي هر هڻائي منهنجو 40 کان 50 لک رپين جو نقصان ڪيو آهي، پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، هن الزام هنيو ته وري ٻيهر جوابدارن حملو ڪري منهنجي سئوٽ عبدالقادر کوسو کي زخمي ڪيو، هنن مطالبو ڪيو ته حملو ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ٻئي پاسي الزام هيٺ آيل پي ٽي آءِ ليڊيز ونگ اڳواڻ ناهيد کهاوڙ ٻڌايو ته مون مٿان لڳايل الزام بي بنياد آهي، هن وڌيڪ چيو ته مون سجاد کهاوڙ جي امڙ وزيران سندس پٽ وسيم کهاوڙ سان 130 جريب کان مٿي زرعي زمين جو 2023ع ۾ ٻه ڪروڙ 80 لک ۾ خريد ڪئي آهي، خريد ڪيل زمين جي رقم مان 2 ڪروڙ 60 لک وڪرو ڪندڙن کي ڏئي ڇڏي آهي، 60 لک کاتي تائين روڪيا آهن، وڪرو ڪندڙ ڌر نه زمين جو قبضو نه ئي کاتو ڏئي رهي آهي.