لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي زخمي ٿيل واپاري وڌيڪ علاج جي لاءِ ڪراچي منتقل، بدامني خلاف وڪيلن جو احتجاج، عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ، ڌرڻو، ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن هٿان زخمي ٿيل ٻن هندو دڪاندارن مان هڪ سنجي ڪمار جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿيڻ تي کيس ايئرايمبولينس جي ذريعي ڪراچي آغا خان اسپتال منتقل ڪيو ويو، ڪراچي منتقل ٿيڻ کان اڳ پ پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي، اقليتي کاتي جي صوبائي وزير لال چند اڪراڻي، ايم پي اي سهيل انور سيال ۽ ٻين طرفان زخمين جي عيادت، وارثن کي هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي،  ٻي طرف  ڊسٽرڪٽ بار ايسوسئيشن طرفان بدامني خلاف عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪري ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو، اڳواڻن جاويد بليدي، غلام مصطفيٰ مگسي، رفيق احمد ابڙو، عاشق علي ڪلهوڙو، ڪامريڊ عبدالرئوف ڪورائي، ساجد مهيسر ۽ ٻين وڪيلن پوليس لاڙڪاڻي ۾ امن امان بحال ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي ڇاڪاڻ پوليس عام ماڻهن بجاءِ سياسي ماڻهن جي پروٽوڪول ۾ مصروف آهي، جڏهن ته شهر جو امن تباهه ٿي ويو آهي جتي روزانو ڦر ۽ چوريون جون واردات ٿي رهيون آهن. هنن چيو ته ٻن هندو دڪاندارن سنجي ڪمار ۽ رونق ڪمار کي نامعلوم موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن ڦر ڪري گوليون هڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويا، هنن مطالبو ڪيو ته بدامني تي ڪنٽرول ڪري زخمي هندو واپارين واري واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري شهرين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

ڪو سوچي سمجهي واقعو ڪرڻ آيو، هندو اڪيلا ناهن: نثار کهڙو

لاڙڪاڻو: پ پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو جو چوڻ هو ته ڪو سوچي سمجهي واقعو ڪرڻ آيو، مسلم ڪميونٽي هجي يا نان مسلم ڪميونٽي آهي، ٻئي انسان ذات آهن، هن چيو ته پوليس کي گهرجي ته گاڏيون گهرن تي نه بيهارن پر گهٽين ۾ گهمائي شهر جي پئٽرولنگ ڪن.پوليس ڊيوٽي وڌائي ماڻهن کي خبر پوي ته ڪو ڏسڻ وارو آهي. هن چيو ته لاڙڪاڻي جو ايس ايس پي نئون آهي کيس گهرجي ته هو اڃان به وڌيڪ چوڪسي ڪري، جيئن ڏوهاري ماڻهن کي چٿي سگهجي.

 

اهڙي قسم جا واقعا هندن کي لڏائڻ جي ڪوشش آهي: لال چند اڪراڻي

لاڙڪاڻو: اقليتي کاتي جي صوبائي وزير لال چند اڪراڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اهڙي قسم جا واقعا ملڪ دشمني آهي، ته جيئن هندئن کي لڏائڻ لاءِ پريشان ڪجي پر آئون کين ٻڌائڻ چاهيان ٿو اسان کي هن ڌرتي سان محبت آهي، اسين ڪڏهن به هتان لڏي نه وينداسين ۽ اهڙن سازشن کان ڊڄڻ وارو ناهيون. هن چيو ته لاڙڪاڻي ۾ پيش آيل واقعو تمام افسوسناڪ آهي، سنڌ حڪومت ۽ اقليتي کاتي طرفان زخمين جي ڀرپور پرگهور لهي انهن کي بهتر علاج فراهم ڪئي پئي وڃي.

سي سي ٽي وي فٽيج باوجود پوليس جوابدارن جو پتو نه لڳائي سگهي

لاڙڪاڻو: ٻنهي واقعن کي ٻه ڏينهن گذرڻ جي باوجود اهڙا ڪيس داخل ٿي نه سگهيا آهن. هوڏانهن لاڙڪاڻو پوليس طرفان سي سي ٽي وي فوٽيجز ۽ جديد ٽيڪنيڪي الات جي ذريعي معاملي جي اعليٰ سطحي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

مشڪل جي گهڙي ۾ اقليتي برادري کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: سهيل انور سيال

لاڙڪاڻو: اڳوڻي صوبائي گهرو وزير ايم پي اي سهيل انور سيال چيو ته مشڪل جي هن گهڙي ۾ اسين اقليتي برادري کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، ليڊرشپ جو انتظاميه مٿان مسلسل پريشر آهي ته جيڪي واقعن ۾ ملوث آهن انهن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ تمام جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.

سنڌ حڪومت پاران هندو واپارين تي فائرنگ جي مذمت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان سکديو هيمناڻي طرفان لاڙڪاڻي ۾ ٻن هندو واپارين تي فائرنگ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو، سنڌ سرڪار زخمي هندو نوجوانن جو علاج ڪرائي رهي آهي، هن جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ حڪومت هندو برادري جي تحفظ لاءِ مڪمل طور سرگرم آھي، لاڙڪاڻي ۾ ڌاڙي جي مزاحمت ڪندي زخمي ٿيندڙ هندو واپارين سان همدردي آھي، هن وڌيڪ چيو ته امن امان جي صورتحال کان سمورا شهري ھڪجهڙا متاثر ٿيا آهن، مخصوص هندو برادري کي ٽارگيٽ ڪرڻ جو ڪو ثبوت ناهي، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ڏوهارين کي خوف جو ماحول قائم ڪرڻ نه ڏيندي.