لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ملازمن 4 سال کان پگهارون نه ملڻ توڙي اداري کي ختم ڪرڻ کان پوءِ کين مڪاني ادارن واري کاتي جي ٻين شعبن ۾ ضم نه ڪرڻ خلاف ٻئي ڏينهن به عرفان شيخ، ممتاز لغاري، عاشق مغيري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو. اڳواڻن چيو ته لاڙڪاڻو ڊولپمينٽ اٿارٽي جو قيام سال 2012ع ۾ آندو ويو. سازش تحت اداري کي غيرفعال ڪري مالي طور ڪمزور ڪيو ويو. 8 مهينا اڳ سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ ۾ ترميم ڪري لاڙڪاڻه ڊولپمينٽ اٿارٽي کي ختم ڪري  مڪاني ادارن واري کاتي جي سيڪريٽري سمورن ملازمن کي ڪراچي هيڊڪوارٽر ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي، پر ان جي باوجود 272 ملازمن کي گذريل چئن سالن جون پگهارون ڪو نه ملي سگهيون آهن. هنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير، مڪاني ادارن واري کاتي جي صوبائي وزير سميت ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته 4 سال جون پگهارون جاري ڪري مڪاني ادارن واري کاتي جي ٻئي ڪنهن شعبي ۾ ضم ڪري پريشاني ختم ڪئي وڃي.