لاڙڪاڻو ڊولپمينٽ اٿارٽي ختم ڪرڻ جو اعلان: غيرقانوني عمارتون ريگيولرائيز ڪبيون : مبين جماڻي

0
104
لاڙڪاڻو ڊولپمينٽ اٿارٽي ختم ڪرڻ جو اعلان: غيرقانوني عمارتون ريگيولرائيز ڪبيون : مبين جماڻي
لاڙڪاڻو ڊولپمينٽ اٿارٽي ختم ڪرڻ جو اعلان: غيرقانوني عمارتون ريگيولرائيز ڪبيون : مبين جماڻي

ڪراچي(ڳالهه ٻولهه: شاهد ميراڻي) مڪاني ادارن واري نگران صوبائي وزير مبين جماڻي چيو آهي ته لاڙڪاڻو ڊولپمينٽ اٿارٽي ٻين اٿارٽين جيان ڪي اسڪيمون نه پئي هلائي، جنهن ڪري انهي کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي،  ختم ٿيندڙ اٿارٽي جي ملازمن کي قانون موجب سرپلس پول يا مڪاني کاتي جي ٻين شعبن ۾ ضم ڪيو ويندو

“ٽائيم نيوز” سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته صوبي ۾ غيرقانوني طور تي ٺهيل عمارتن کي ريگيولر ڪرڻ بابت پلان تيار ڪري رهيا آهيون،  غيرقانوني عمارتون ٺاهيندڙ  ڀڄي ويا، جن آفيسرن انهن رٿائن جي خاموشي سان منظوري ڏني، اهي به هاڻ موجود ناهن، هن وقت انهن عمارتن  ۾ شهري رهن ٿا

  اسان چاهيون ٿا ته اهي متاثر نه ٿين،  هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته رهائشي ۽ ڪمرشل تعميراتي منصوبن جي انهن  نقشن تي پابندي لڳائي وئي هئي،  جيڪي قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ کانسواءِ منظور ٿيا هئا، اهو تاثر غلط آهي ته اسان بلڊرن جي دٻاءُ ۾ اچي فيصلو واپس ورتو آهي. هن چيو ته صوبائي مالياتي ڪميشن واري معاملي تي اڃا تائين بريفنگ ناهي ورتي. بريفنگ وٺڻ کانپوءِ ئي مالياتي ڪميشن ۽ مڪاني ادارن جي ٽرانزيشن بريفنگ وٺڻ  بعد انهن  معاملن کي به ڏٺو ويندو

هن کي به پڙهندا

سردار ڌاڙيلن جي پاٿاريداري ڪندا آهن، پرچي وارا آفيسر مقرر نه ڪبا: نگران گهرو وزير