لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو طرفان لاڙڪاڻو ٿئيٽر فيسٽيول جاري آهي، ٿئيٽر فيسٽيول جي ٽئين ڏينهن ليکڪ مظفر بلوچ جو لکيل اصلاحي اسٽيج ڊرامي “مھيندي رتا ھٿ” سندس ئي ھدايتڪاري هيٺ پيش ڪيو ويو، اسٽيج ڊرامي ۾ خالد ڀٽو، جاويد شيخ، ريما ناز، سانوري فلڪ، آصف جوڻيجو، مسرت ناز ۽ امجد گل سومرو پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا جنهن دوران مزاحيه اداڪار امجد گل سومرو مزاحيه ٽوڪن جي ذريعي ويٺل ماڻھن کي کلائي کلائي کيرو ڪري ڇڏيو. اسٽيج ڊرامي ۾ ڇوڪري جا والدين سندس رشتو ننڍپڻ ۾ ئي سئوٽ جي نالي ڪري ڇڏين ٿا پر جڏھن ڇوڪري بالغ ٿئي ٿي ته اھا ڪنھن ٻي کي پسند ڪري ٿي پر پيءُ ضد ڪري سئوٽ سان شادي ڪرائي ٿو. ان موقعي تي آرٽس ڪائونسل جي صدر محمد اسماعيل جتوئي، سيڪريٽري محمد حنيف سھاڳ، شمس پريمي، عبدالنبي ساريو، امجد گل سومرو، برڪت گاد ۽ ٻين چيو ته مظفر بلوچ بھترين ڪھاڻيڪار آھي، اڄ جو ڊرامو “مھيندي رتا ھٿ ۾” ھڪ اعليٰ قسم جو پيغام ھو.