لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ)لاڙڪاڻي جي رحمت پور ٿاڻي جي حد نيو نظر محلا مان 13 مئي تي مبينا اغوا ٿي ويل 15 ورهين جي صنم دل کي پوليس ڊيرا مراد جمالي بازياب ڪرائي ٽن جوابدارن وحيد شاهه، سنجي اوڏ ۽ انيل اوڏ کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو ته نينگري صنم جي ڀاءُ جميل 13 مئي تي رحمت پور ٿاڻي تي اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو، ڊيرا مراد جمالي مان نينگر  کي بازياب ڪرائي اغوا ۾ ملوث 3 جوابدارن وحيد شاهه، سنجي اوڏ ۽ انيل اوڏ کي گرفتار ڪري ورتو آهي.هوڏانهن صنم دل کي رحمت پور پوليس فورٿ سول جج اينڊ جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت ناري جي بيان بعد کيس وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ساڳي ئي ڪيس ۾ گرفتار ٽنهي جوابدارن وحيد شاهه، سنجي اوڏ ۽ انيل اوڏ کي پڻ پوليس رمانڊ لاءِ ساڳي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي عدالت ٽنهي جوابدارن کي 14 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو آهي.