لاڙڪاڻو پوليس غير محفوظ: اهم ڪيس جي اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ آيل ايس ايچ او گوليون هڻي قتل

0
40
لاڙڪاڻو پوليس غير محفوظ: اهم ڪيس جي اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ آيل ايس ايچ او گوليون هڻي قتل
لاڙڪاڻو پوليس غير محفوظ: اهم ڪيس جي اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ آيل ايس ايچ او گوليون هڻي قتل

لاڙڪاڻو( رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن ڊي آءِ جي آفيس ۽ ڪيميڪل فارنزڪ ليباريٽري آيل ميرپور ٻرڙو ٿاڻي جي ايس ايڇ او سب انسپيڪٽر کي ڏينهن ڏٺي جو گوليون هڻي شهيد ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ لاڙڪاڻي شهر جي سول لائين ٿاڻي جي حد ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي آفيس ڀرسان پوليس کاتي جي ڪيميڪل اينڊ فارنزڪ ليباريٽري ٻاهران اڻڄاتل موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جيڪب آباد ضلعي جي ميرپور ٻرڙو ٿاڻي جي ايس ايڇ او سب انسپيڪٽر نظير حسين چانڊيو جي ڪار مٿان انڌاڌند فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي ۾ ايس ايچ او سخت زخمي ٿي پيو، جڏهن ته جوابدار فرار ٿي ويا. اطلاع تي مختلف ٿاڻن جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمي سب انسپيڪٽر نظير حسين چانڊيو کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو پر هو رستي ۾ زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو.  واقعي جو ايس ايس پي لاڙڪاڻو نوٽيس ورتو جنهن کان پوءِ هٿياربندن جي گرفتاريءَ لاءِ ڊي ايس پي سول لائين سعد جبار جي اڳواڻيءَ ۾ سڄي شهر جي ناڪابندي ڪري ڇڏي بعد ۾ واقعي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪرڻ سان گڏ  ڀرپاسي وارن علائقن مان سي سي ٽي وي فٽيجز هٿ ڪري واقعي جي وڏي پئماني تي جاچ شروع ڪئي وئي. شهيد ايس ايڇ او نظير حسين چانڊيو جي وارثن  ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان ڪا به دشمني ناهي، واقعي جي شفاف جاچ ڪري ملوث دهشتگردن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. سول لائين ٿاڻي جي پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته شهيد ايس ايڇ او نظير حسين چانڊيو ڪيميڪل اينڊ فارنزڪ ليباريٽري ۾ پراپرٽي جمع ڪرائڻ لاءِ آيو، جتي ليباريٽري ٻاهران موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن سندس ڪار مٿان انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني. في الحال واقعي جا ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيا آهن.  واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا آهيون، جلد اصل حقيقتون سامهون اچي وينديو  ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته شهيد سب انسپيڪٽر نظير حسين چانڊيو اصل ڊکڻ ڀرسان ڳوٺ مور خان چانڊيو جو رهواسي هو جيڪو گهڻي عرصي کان پنهنجي ڪٽنب سميت شڪارپور شهر ۾ رهائش پذير هو جڏهن ته تازو سندس جي پوسٽنگ جيڪب آباد ضلعي جي ميرپور ٻرڙو ٿاڻي جي ايس ايڇ او طور ٿي هئي ۽ پراپرٽي جمع ڪرائڻ ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو طرفان کيس ٿاڻي جي هڪ اهم ڪيس جي اڳڀرائي رپورٽ جمع ڪرائڻ لاءِ طلب ڪيو ويو هو. ٻئي پاسي پوسٽ مارٽم بعد سب انسپيڪٽر نظير حسين چانڊيو جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي لاش کڻائي ڳوٺ روانا ٿي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو جڏهن ته آخري اطلائن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي. هوڏانهن واقعي بابت شهيد  نظير حسين چانڊيو جي گن مين امام الدين ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اڄ ايس ايڇ او نظير حسين چانڊيو کي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو طرفان ڪال هئي بعد ۾ پراپرٽي آفيس آياسين جتي ايس ايڇ او مون کي پراپرٽي آفيس موڪليو هو، مان پراپرٽي آفيس ويس ۽ ايس ايڇ او نظير حسين چانڊيو ڪار ۾ ويٺو هو ته هٿياربندن ڪار مٿان فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا آهن.

ايس ايچ او قتل بعد ڊکڻ ۾ چڙهايون: فائرنگ، عورت زخمي

ڊکڻ (ن پ ا) لاڙڪاڻي ۾ شهيد ٿيل ايس ايڇ او نظير چانڊيو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ لاڙڪاڻي ضلعي جي پوليس ڊکڻ لڳ ڳوٺ بخشا شاخ تي چڙهائي سرچ آپريشن ڪيو، جنهن دوران فائرنگ سبب هڪ عورت زخمي  ٿي پئي. ، ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري جي اڳواڻي ۾ وڏي پوليس نفري چڙهائي  ڪئي آهي،چڙهائي دوران پوليس ۽ الزام هيٺ آيل ڌر جي ماڻهن جي هڪٻئي تي شديد فائرنگ ٿي آهي پوليس ۽ چانڊيا برادري جي ماڻهن جي فائرنگ ۾ مبينا گوليون لڳڻ سبب هڪ عورت وزيران زال امجد چانڊيو شديد زخمي ٿي پئي آهي، زخمي عورت کي ڊکڻ ٿاڻي تي آندو ويو آهي، جڏهن ته علائقي ۾ سوين پوليس اهلڪار بيٺل آهن ۽ آپريشن هلندڙ آهي، پوليس جي هلندڙ آپريشن دوران صحافين کي پوليس آپريشن کان پري رکيو ويو آهي، چڙهائي بابت ڊکڻ پوليس ٻڌايو آهي ته شهيد ايس ايڇ او نظير چانڊيو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ لاڙڪاڻو پوليس چڙهائي ڪئي آهي پوليس مٿان فائرنگ ڪئي وئي آهي جڏهن ته ڪائي به گرفتاري عمل ۾ ناهي آئي پوليس جي فائرنگ ۾ ڪائي به عورت زخمي ناهي ٿي، شهيد ٿيل ايس ايڇ او نظير چانڊيو جي قتل جو الزام سندس پنهنجي ئي مائٽ ساجد چانڊيو مٿان لڳايو ويو آهي، ٻنهي ڌرين جو گذريل پنج سالن کان پاڻ ۾ تڪرار هلندڙ آهي جنهن تان ٻنهي ڌرين جا هن مهل تائين 6 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن،