لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو پوليس وڏي مقدار ۾ منشيات جي سپلائي ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي 2 بدنام زمانه منشيات فروش ڊيلرن کي گرفتار ڪري 35 ڪلو چرس هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي، ان حوالي سان ايس ايس پي روحل کوسو ٻڌايو ته ڊي ايس پي ڏوڪري ۽ ايس ايڇ او ڏوڪري جي اڳواڻيءَ ۾ لاڙڪاڻو پوليس منشيات سپلائي ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي ملڪ فئڪٽري ڀرسان ڪاروائي دوران باقراڻي واسي بدنام زمانه منشيات فروش ديدار ولد حاڪم ڪلهوڙو ۽ وڪڙو واسي ضمير ولد ارباب گوپانگ کي گرفتار ڪري ورتو، گرفتار بدنام زمانه منشيات فروش ديدار ڪلهوڙو مٿان ڏوڪري ۽ ٻين ٿاڻن تي 5 کان وڌيڪ منشيات سميت ٻيا سنگين ڪيس داخل آهن.