لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ويجهو پوليس جي روپوش جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ڳوٺ تي چڙهائي، منهن ماري، سروٽن سان حملو، روپوش جوابدار ڇڏائي ورتو، ڳوٺاڻن ايس ايچ او جا ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا، عورتن جي تذليل جو الزام، 15 عورتن سميت 29 جوابدارن مٿان ڪيس داخل، تفصيل موجب حيدري ٿاڻي جي پوليس قتل ڪيس ۾ روپوش ٽن جوابدارن جي موجودگي جي اطلاع تي ڳوٺ ڪوڙو خان جمالي تي چڙهائي ڪري روپوش جوابدار علي نواز جمالي کي گرفتار ڪري پوليس موبائيل ۾ ويهاري ڇڏيو، جنهن دوران وڏي انگ ۾ ڳوٺاڻا گهرن مان ٻاهر نڪري آيا، جن ايس ايچ او حيدري ۽ اهلڪارن سان منهن ماري ڪئي، ڳوٺاڻن پوليس مٿان سروٽن سان حملو ڪري روپوش جوابدار کي ڇڏائي ورتو، چڪرين دوران ايس ايچ او حيدري اياز پٺاڻ جا ڪپڙا ڦاٽي پيا، ڳوٺاڻن الزام لڳائيندي چيو ته پوليس چڙهائي دوران عورتن کي وارن کان گهلي سندن تذليل ڪئي، جنهن ڪري اهڙو واقعو پيش آيو، پوليس ڳوٺ تي بنا جواز چڙهائي ڪري وڏي زيادتي ڪئي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي، هوڏانهن سرڪاري مدعيت ۾ 15 عورتن سميت 29 جوابدارن مٿان ڊيوٽي اٽڪاءُ جو ڪيس ڪرايو ويو، جوابدارن ۾ علي نواز، محمد علي، احمد نواز جمالي ۽ ٻيا شامل آهن، ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پوليس ڳوٺ ڪوڙو خان جمالي ۾ روپوش جوابدارن جي موجودگيءَ جي اطلاع تي ڪاروائي ڪئي، جتي پوليس روپوش جوابدار علي نواز جمالي کي گرفتار ڪيو ته ڳوٺاڻن پوليس مٿان قتل جي ارادي سان حملو ڪيو.