لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) ڊي آءِ جي  ناصر آفتاب شڪارپور ۽ ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي جي ڪچي جي ٿاڻن ۽ ڪچي ۾ پوليس پڪٽن جو اوچتو دورو ڪيو جتي فرضن ۾ غفلت ڪرڻ، ناقص ڪارڪردگي، نفري جي مقرري ۾ ڪوتاهي ڪرڻ تي پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي ڊپارٽمينٽل سزائون ڏيندي نوڪري تان برطرف ڪرڻ سان گڏ فارفيچر ۽ مس ڪنڊڪٽ ڏيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. ڊي آءِ جي طرفان ايس ايچ او ناپر ڪوٽ انسپيڪٽر مزمل حسين سومرو ۽ اي ايس آءِ لطف الله دايو کي هڪ هڪ سال جي فارفيچر جي سزا، پوليس پڪٽ انچارج فيضو لاڙو اي ايس آءِ عبدالجبار ابڙو کي معطل ڪري پوليس لائين حاضر ڪري کيس هڪ سال فارفيچر جي سزا، فيضو لاڙي جي وڏي منشي ڪانسٽيبل عبدالباقر کي نوڪري تان برطرف ڪري ايس ايچ او غوث پور سب انسپيڪٽر عبدالغني دايو جي هڪ سال جي سروس ختم ڪري کانئن وضاحت طلب ڪندي وڏي منشي غوث پور ڪانسٽيبل شفقت شاهه کي نوڪري تان برطرف ڪري ڇڏيو. آر آءِ پوليس لائين ڪشمور انسپيڪٽر علي نواز سانگي جي 2 سالن جي سروس، ايل او پوليس لائين ڪشمور اي ايس آءِ مورڙو ملڪ ۽ وڏي منشي پوليس لائين ڪمشور اطهر ڀٽو جي هڪ هڪ سال جي سروس ختم ڪري ڇڏي، ڊي ايس پي ڪنڌڪوٽ مير آصف علي ٽالپر کي مس ڪنڊڪٽ جي سزا ڏئي ايس ايچ او خانپور انسپيڪٽر امام الدين چانڊيو ۽ اي ايس آءِ نظير احمد بروهي جي هڪ هڪ سال جي سروس ختم ڪري ڇڏي آهي. ڊي آءِ جي  ناصر آفتاب چيو آهي ته عوام جي جان ۽ مال جهڙن اهم فرضن ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي، سمورا پوليس آفيسر گشت ۾ اضافو ڪن، ڪوتاهي ڪرڻ جي صورت ۾ سخت کان سخت ڊپارٽمينٽل ڪاروائي عمل ۾ آندي ويندي.