لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جاويد سونهارو جسڪاڻي پنهنجي آفيس ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن لاءِ اردلي روم ڪوٺايو، جنهن ۾ هن پيش ٿيل سمورن پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي مختلف سزائن، ميجر پنشمينٽ، شوڪاز نوٽيس ۽ اپيل ڪيسن سميت ٻيا مسئلا ٻڌي مناسب حڪم جاري ڪيا، ڊي آءِ جي طرفان پيش ٿيندڙ سب انسپيڪٽر امجد اقبال مغل ۽ سب انسپيڪٽر حبيب الله مهر جي رورٽ ۽ معطلي واري سزا ختم ڪري ٻنهي آفيسرن کي انسپيڪٽر جي رينڪ تي بحالي ڪري ڇڏيو، نوڪرين تان برطرف ٿيل سب انسپيڪٽر عبدالوحيد منگي، ڪانسٽيبل سجاد احمد تنيو ۽ ڪانسٽيبل محمد هاشم جي سزا ختم ڪري کين نوڪرين تي بحال ڪري ڇڏيو، ان کانسواءِ سب انسپيڪٽر مير احمد نواز تونيو، سب انسپيڪٽر نواب شجراع، سب انسپڪٽر نزاڪت علي جوکيو کي مليل ميجر پنشمينٽ جون انڪوائريون اي ڊي آءِ اسٽبلشمينٽ علي بخش ڍڪڻ کي موڪلي ڪانسٽيبل رحيم شاهه لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.