لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي شهر واسي وڪيل سيد مهدي شاهه طرفان رات دير سان حادثي ۾ زخمي ٿيل ڪتي کي علاج لاءِ چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو، جتي هن اسپتال عملي کي ڪتي جو علاج ڪرائڻ جو چيو ان تي اسپتال عملي وڪيل کي ڪتي جو علاج ڪرائڻ کان انڪار ڪندي کيس چيو ته هي انسانن جي اسپتال آهي جانورن جي ناھي. ان حوالي سان وڪيل مهدي شاھه جي ويڊيو وائرل ٿي وئي آهي جنهن ۾ هو چئي رهيو آهي ته مان رستي سان اچي رھيو ھيس ته رستي مان زخمي حالت ۾ ھي ڪتو مليو، جنهن کي اسپتال کڻي پهتو آھيان، مون اسپتال عملي کي چيو ته ھن ڪتي جي فرسٽ ايڊ لاءِ منٿون ڪيون ته ھن جو علاج ڪريو ھي بي زبان جانور آهي، سڀاڻي مان ھن جو وٽرنري اسپتال مان علاج ڪرائيندس. ھن چيو ته سنڌ حڪومت لکين ڪروڙين جي بجيٽ جانورن جي علاج جي مد ۾ ڳڙڪائي رھي آھي. ٻئي پاسي اهڙي معاملي کان پوءِ وڪيل ۽ اسپتال عملي ۾ منهن ماري ٿي جنهن دوران اسپتال عملي طرفان وڪيل کي مارڪٽ ڪئي وئي، اهڙي ويڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي،جنهن ۾ عملي طرفان شهري کي مارڪٽ ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. هوڏانهن مارڪٽ بعد اسپتال عملي وڪيل کي سيڪيورٽي روم ۾ بند ڪري حد جي سول لائين ٿاڻي جي پوليس کي اطلاع ڏئي کيس پوليس هٿان گرفتار ڪرائي ڇڏيو. ٻئي پاسي لاڙڪاڻو بار جي وڪيلن جي مداخلت تي گرفتار وڪيل کي آزاد ڪيو ويو.
واقعي جي جاچ جي لاءِ انڪوائري ڪاميٽي قائم، ٽن ڏينهن ۾ رپورٽ ڏيڻ جي هدايت
لاڙڪاڻو: ايس ايس پي لاڙڪاڻو روحل کوسو چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ زخمي ڪتي جي علاج کڻي ايندڙ شهري سان پيش آيل واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس پي هيڊڪوارٽر حسيب جاويد سومار ميمڻ جي اڳواڻيءَ ۾ انڪوائري ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جنهن ۾ ڊي ايس پي رتوديرو، ايس ڊي پي او سول لائين، ايس ايچ او سول لائين ۽ ايس ايچ او مارڪيٽ شامل آهن جيڪا معاملي جي 3 ڏينهن اندر جاچ ڪري اهڙي رپورٽ پيش ڪندي. ان حوالي سان ايس ايس پي روحل کوسو چيو آهي ته انڪوائري رپورٽ جي روشني ۽ حقيقتون سامهون اچڻ بعد قانوني ڪاروائي عمل ۾ آندي ويندي.
ڪتي جو علاج ڪرائڻ اسپتال آيس ته مونکي مارڪٽ ڪئي وئي: وڪيل مهدي شاهه
لاڙڪاڻو: رابطي ڪرڻ تي وڪيل سيد مهدي شاهه چيو ته مان پنهنجي ڀاءُ محمد زمان سان گڏجي ڪتي جو علاج ڪرائڻ لاءِ آيس جتي مون کي مارڪٽ ڪئي وئي آهي. هن ڊي آءِ جي ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو ڪيس مارڪٽ ڪندڙ اسپتال عملي خلاف داخل ڪيو وڃي ٻي صورت مان عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائيندس.