لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ ڊاڪٽرن ۽ عملي جي مبينا غفلت سبب فوت ٿي ويل ناليواري اديب ۽ وڪيل عبدالستار هليو جي 19 ورهين جي نياڻي امر سنڌو واري واقعي خلاف ڊسٽرڪٽ بار ايسوسئيشن جي جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي لائيرس فورم جي سڏ تي وڪيلن طرفان ڊسٽرڪٽ ڪورٽ جي احاطي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جتي هنن هٿن ۾ بئنر کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي جنهن ۾ ناليواري اديب ۽ وڪيل عبدالستار هليو سندس ساٿي وڪيلن رفيق احمد ابڙو، ڪامريڊ رئوف ڪورائي، شبير جتوئي، بهادر شاهاڻي، عاشق ڪلهوڙو، جاويد بليدي، اعجاز منگي، ضياءَ عباسي ۽ ٻين وڪيلن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ناليواري اديب ۽ وڪيل عبدالستار هليو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نياڻي امر سنڌو جي ايف آءِ آر حد جي سول لائين ٿاڻي تي داخل ڪرائي، جوابدارن کي سياسي توڙي لاڙڪاڻو پوليس جي پٺڀرائي حاصل آهي پوليس هن وقت تائين جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي ويتر پئسن جي لالچ ڏيڻ سان گڏ دٻاءُ وجهي هيسايو پيو وڃي، مطالبو آهي ته ايف آءِ آر ۾ نامزد سمورا جوابدار پنهنجون ضمانتون ڪرائي لکت ڏين تنهن کان پوءِ مان کين معاف ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.