لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ۽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن لاڙڪاڻو اڄ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ رٿيل شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 46 هين ورسي ۾ تڪراري ڪئنالن خلاف رٿيل احتجاج ۽ ڌرڻي جو سڏ واپس وٺندي ورسي ۾ شرڪت نه ڪرڻ ۽ 16 اپريل تي نصيرآباد وٽ انڊس هاءِ وي تي تڪراري ڪئنالن ۽ ٻين مسئلن خلاف ڌرڻي جو اعلان ڪندي پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ کان گهر ڪئي آهي ته هو ورسي جي موقعي تي رٿيل جلسي ۾ تڪراري ڪئنالن وارو فيصلو وٺرائي وفاقي حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري ٻي صورت دمادم مست قلندر ٿيندو. اهڙو اعلان سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن لاڙڪاڻو جي صدر ايڊووڪيٽ اطهر عباس سولنگي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ هاءِ ڪورٽ بار ۽ ڊسٽرڪٽ بار جي عهديدارن ۽ وڪيلن سان گڏجي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو آهي. هن چيو ته  ھاءِ ڪورٽ بار ۽ ڊسٽرڪٽ بار طرفان گڏيل طور اڪثريتي فيصلو ڪيو آهي ته وڪيل برادري 4 اپريل شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو نه ويندا، جيڪو سڀني وڪيلن جو متفقه فيصلو آهي، ان معاملي تي مون مٿان ڪو به پريشر ناهي پر پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن ۾ مايوسي آهي، تنهن ڪري لاڙڪاڻي ۾ ورسي جي حوالي سان ماضيءَ جون سرگرميون نظر نه پيون اچن، پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ سنڌ حڪومت سنڌ جو ڪيس وڙهي وڪيلن ۾ ڇانيل بيچيني ختم ڪري. هن چيو ته اسان تڪراري ڪئنالن تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪنداسين.