لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سرواڻ علي قاضي طرفان اعلانيل ايڪتا کي لاڙڪاڻي واسين ڀرپور موٽ ڏيندي ڏهاڙي کي عيد جيان ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي، ان موقعي تي لاڙڪاڻو سماجي اتحاد اڳواڻ حافظ بشير احمد شيخ، لياقت علي عمراڻي، محمد صالح کهڙو ۽ ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ڌرتي پيرن، پيغمبرن جي ڌرتي آهي ۽ هن ڌرتي جي ماڻهن ڪڏهن به پنهنجي سيني ۾ ڪنهن قسم جو ڪينو يا بغض ناهي رکيو ۽ سدائين امن ۽ محبت جو پيغام ڏنو آهي، هنن چيو ته سنڌي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ جو پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي سرواڻ علي قاضي جي سڏ تي اچو ته نئين سنڌ آڏيون جي موضوع تي ايڪتا ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهائينداسين، هوڏانهن شهر ۾ ٽوپين ۽ اجرڪن سميت ٻين ثقافتي شين جا اسٽال لڳڻ پڻ شروع ٿي ويا آهن.