لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ)  لاڙڪاڻي جي  حيدري ٽائون جي يونين ڪاميٽي 2 تان  چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل احمد سومرو جي چيئرمين جي اميدوار ڀاءُ منير احمد سومرو سان مڪاني چونڊن ۾ مهاڏو اٽڪائيندڙ آزاد اميدوار ايڊوڪيٽ جاويد بليدي جو حيدري ٽائون جي رٽرننگ آفيسر فارم رد ڪري منير احمد سومرو ۽ سندس وائيس چيئرمين جي اميدوار عبدالحق کهاوڙ جو بنا مقابلي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو هو، جنهن کان پوءِ آزاد اميدوار ايڊووڪيٽ جاويد بليدي پنهنجي وڪيل رفيق ابڙو معرفت سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ لاڙڪاڻو ۾ درخواست داخل ڪرائي جنهن تي عدالت جاويد بليدي جو نامزدگي فارم بحال ڪري کيس اسٽي ڏئي ٻڌڻي 15 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. نامزدگي فارم بحال ٿيڻ بعد جاويد بليدي کي هٿوڙي جو چونڊ نشان الاٽ ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي آزاد اميدوار جاويد بليدي سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ لاڙڪاڻو ۾ حيدري ٽائون ڪاميٽي جي رٽرننگ آفيسر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر احمد علي سومرو خلاف توهين عدالت جي پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي آهي جنهن تي سڀاڻي نوٽيس جاري ٿيڻ جا امڪان پڻ آهن.