لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي شهر جي وليد ٿاڻي جي لاڪ اپ ۾ هفتو اڳ چوري ڪيس ۾ گرفتار لب مهراڻ واري علائقي واسي 20 ورهين جي نوجوان ساحل سولنگي جو ڦاهو لڳل لاش هٿ آيو هو، جنهن واقعي جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ نوجوان جي والد سعيد احمد سولنگي پنهنجي وڪيلن محرم علي جوڻيجو ۽ بختيار سهتو جي معرفت فرسٽ ايڊيشنل اينڊ سيشن جج راشد دايو جي عدالت داخل ڪرايل درخواست جي ٻڌڻي ٿي جتي عدالت طرفان ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد اڳوڻي ايس ايچ او وليد عبدالرزاق ٽڳڙ، پوليس ڪانسٽيبل حبدار چانڊيو، علي حسن ڪهيري سندس ٻن پٽن شاهه جهان ۽ رابيل ڪهيري ۽ ٻن اڻڄاتل جوابدارن مٿان ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

فيڪٽ فائينڊنگ جي جاچ رپورٽ ۽ حتمي پوسٽ مارٽم رپورٽ به جاري نه ٿي

لاڙڪاڻو:  10 ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي شهر جي لاڙڪاڻي شهر جي وليد ٿاڻي جي لاڪپ مان ڪبوتر چوري ڪيس ۾ گرفتار لب مهراڻ واري علائقي واسي 20 ورهين جي نوجوان ساحل سولنگي جو ڦاهو لڳل لاش هٿ آيو جنهن معاملي جو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ آءِ جي سنڌ نوٽيس ورتو هو ۽ آءِ جي سنڌ طرفان ڊي آءِ جي ٽريننگ سنڌ فيض الله ڪوريجو جي اڳواڻيءَ ۾ فيڪٽ فائينڊنگ انڪوائري جوڙي ڇڏي جنهن انڪوائري جي رپورٽ اڃان تائين پڌري نه ٿي سگهي آهي ۽ نه ئي نوجوان جي حتمي پوسٽ مارٽم جاري ٿي سگهي آهي.

واقعي ۾ ملوث پوليس آفيسرن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي: نوجوان جا وارث

لاڙڪاڻو: نوجوان جي وارثن مطالبو ڪيو ته نوجوان ساحل ڪوريجو جي پوسٽ مارٽم ۽ آءِ جي سنڌ طرفان جوڙيل فيڪٽ فائينڊنگ انڪوائري جي رپورٽ پڌري ڪري ملوث پوليس آفيسرن، اهلڪارن ۽ بااثرن خلاف سخت ڪاروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.