لاڙڪاڻو ( رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي ميونسپل ڪارپوريشن جي هلندڙ مالي سال 2024ع ۽ 2025ع لاءِ مختص ڪيل سالياني 3 ارب 17 ڪروڙ 46 لک کان وڌيڪ بجيٽ هئڻ باوجود اڪثر مدن ۾ ڪروڙين رپين جي رقم خرچ نه ٿي سگهي نه ئي ميونسپل ڪارپوريشن ميگا پراجيڪٽ ڏئي سگهي، ڊرينيج سميت ٻين مسئلن جي ڪري شهري بنيادي سهولتن کان وانجهيل، اربين رپين جي بجيٽ ۾ ترقياتي ۽ سماجي ڀلائي توڙي غريب، بيواهه عورتن، معذورن ۽کدڙن فقيرن کي به ميونسپل ڪارپوريشن وساري ڇڏيو،. تفصيل موجب لاڙڪاڻو ميونسپل ڪارپوريشن هلندڙ سال 2024ع ۽ 2025ع جي بجيٽ 3 ارب 17 ڪروڙ 46 لک کان وڌيڪ هوندي به شهري بنيادي سهولتن کان محروم بڻيل آهن. پنهنجي اخبار طرفان ميونسپل ڪارپورشن جي هلندڙ مالي سال بابت هٿ ڪيل انگ اکرن موجب ڪارپوريشن پاران ترقياتي ڪمن جي مد ۾ 50 ڪروڙ رپيا شهر جي 20 يونين ڪاميٽيز جي لائٽنگ لاءِ 10 ڪروڙ 33 ڊسپوزلن جي جنريٽرن ۽ تيل لاءِ 15 ڪروڙ مرمت لاءِ هڪ ڪروڙ 50 لک غريب شاگردن جي اسڪالر شپ عورتن ۽ ٽرانسجيڊر جي ڀلائي سميت ٻين سماجي ڀلائي جي ڪمن لاءِ 9 ڪروڙ 22 لک رپيا مختص ڪيا ويا هئا جن مان اڪثر مدن ۾ هن وقت تائين ڪروڙين رپيا خرچ نه ٿي سگھيا آهن جنهن ڪري لاڙڪاڻي شهر ۾ ڊرينيج سسٽم، اکڙيل روڊ رستا، ڳتيل آبادي وارا علائقا نظر محلا، يار محمد ڪالوني، معظم ڪالوني، رضوان ڪالوني، سبزي منڊي، نيو اناج منڊي سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ لائٽنگ سميت ترقياتي ڪم نه ٿي سگهيا جنهن سبب ڄاڻايل علائقا اونداهي ۾ ٻڏل هجڻ سان گڏ ڊرينيج ۽ ٻين بنيادي سهولتن کان محروم آهن، جڏهن ته شهر جا اهم علائقا الھه آباد، مراد واهڻ، علي گوهرآباد، خالق ڪالوني، خدا آباد، ڀينس ڪالوني، نظر محلا، رحمت پور ،فيصل ڪالوني، مدينا ڪالوني، يار محمد ڪالوني، وليد محلا ٻيا علائقا به مڪمل نظر انداز ٿيل آهن، ٻئي طرف شهر جي رڳو ڪجهه من پسند علائقن لاهوري محلا، سچل ڪالوني، دڙي محلا، ريشم بازار، پيپلز ڪالوني، ڪرمان باغ ۽ باقراڻي روڊ وارن علائقن ۾ ترقياتي ڪمن سان گڏ لائيٽون لڳايون ويون آهن. 10 لک کان وڌيڪ آبادي رکندڙ لاڙڪاڻو شهر کي ميونسپل ڪارپوريشن جو درجو مليل آهي جتي ٿوري برسات پوڻ سان سمورو شهر تلائن جو ڏيک ڏيندو آهي شهر ۾ فائر برگيڊ اسٽيشن نه ٺهي سگهي نه ئي فائر برگيڊ گاڏين جي مرمت ڪئي پئي وڃي شهر جي ڪيترن ئي روڊن رستن تي گٽرن جا منهن کليل هجڻ سبب حادثا روز جو معمول بڻيل هجڻ سان گڏ شهر جي ڪيترن ئي پارڪن جناح باغ، چلڊرين پارڪ، جمعو فقير پارڪ، بختاور پارڪ ۽ قاضي فضل الله پارڪ جي حالت زبون حال بڻيل آهي.
بجيٽ ٽائون چيئرمينز حوالي ڪئي وئي آهي: انور علي لهر
لاڙڪاڻو: ميئر لاڙڪاڻو انور علي لهر رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڄاڻايل بجيٽ ٽائون چيئرمينن جي حوالي ڪئي وئي آهي، اسان صرف 33 ڊسپوزلن جي سار سنڀال ۽ پگهارون ۽ گرجيئوٽي ڏئي رهيا آهيون هن پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته اڍائي سالن جو عرصو گذري وڃڻ بعد ميگا پراجيڪٽ نه ڏنو ويو آهي.
|