لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي سول لائين ٿاڻي جي حد رسول آباد پوليس چوڪي وٽ نوجوانن کي چيڪنگ تي موجود پوليس اهلڪار روڪڻ جي ڪوشش ڪئي جن فرار ٿيڻ جي ڪوشش دوران موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ ڊيوٽي تي موجود پوليس جمعدار ميرمحمد ڪلهوڙو سخت زخمي ٿي پيو، جڏهن ته پوليس پهچي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو بعد ۾ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٻئي پاسي واقعي جو ڪيس سرڪاري فرياد تي علي رضا بروهي ۽ مير بروهي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو.