لاڙڪاڻو عوامي اتحاد طرفان پ پ کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ آزاد اميدوارن جي حمايت جو اعلان

0
92
لاڙڪاڻو عوامي اتحاد
لاڙڪاڻو عوامي اتحاد طرفان پ پ کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ آزاد اميدوارن جي حمايت جو اعلان

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻو  عوامي اتحاد پ پ کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ آزاد اميدوارن جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو

عوامي اتحاد جي ٻن يوسيز تي اميدوارن جا فارم رد ٿيڻ بعد آزاد اميدوارن جي حمايت ڪري ڇڏي

دڙي ٽائون يوسي ھڪ تي پ پ جي مقابلي ۾ فيصل عباسي جو فارم رد ٿيڻ بعد لاڙڪاڻو  عوامي اتحاد آزاد اميدوار عبدالرئوف شيخ جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي

حيدري ٽائون يوسي 2تي عبدالغني قناصرو جو فارم رد بعد عوامي اتحاد پاران آزاد اميدوار جاويد بليدي جي حمايت جو اعلان ڪيو ويو آهي

ايم پي اي معظم عباسي الزام هنيو آهي ته سرڪاري مشينري جو استعمال ڪندي ڄاڻي واڻي مقابلي وارن يوسيز ۾ فارم رد ڪرايا ويا آهن

معظم عباسي موجب لاڙڪاڻو عوامي اتحاد فيصلو ڪيو آهي ته پ پ کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ آزاد اميدوارن جي ڀرپور حمايت ڪئي ويندي