لاڙڪاڻو/شڪارپور/نئون ديرو(نمائندن وٽان) شهيد پوليس اهلڪار جي اعزاز سان تدفين، آپريشن، ڏوهارين جا ٺڪاڻه تباهه ڪرڻ جي دعويٰ، مدئجي ۾ ڏوهارين سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻيندڙ نئون ديرو واسي پوليس اهلڪار شهيد محمد رمضان ڀٽو جي جنازي نماز شهر جي مرڪزي المصطفيٰ عيد گاهه ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ ميونسپل چيئرمين عبدالخالق ڀٽو، ديدار ڀٽو، ٻن ڊي ايس پيز سميت شهرين ۽ ڀٽا برادري جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته نئون ديرو، ڪيٽي ممتاز ۽ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻن جي پوليس اهلڪارن مان ڪنهن به شرڪت نه ڪئي، هوڏانهن شهيد اهلڪار محمد رمضان ڀٽو جو مڙهه نئون ديرو کان شڪارپور پوليس لائين کڻائي وڃي پوليس اعزاز سان سلامي پيش ڪئي وئي ۽ جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد شهيد جو لاش واپس نئون ديرو آندو ويو، جتي نئون ديرو جي المصطفيٰ عيد گاهه ۾ ٻيهر جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مڙهه نئون ديرو جي اباڻي قبرستان ۾ سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.ٻي طرف ڏوهارين سان مهاڏو اٽڪائي شهادت ماڻيندڙ پوليس اهلڪار محمد رمضان ڀٽو ۽ زخمي ٿيل اهلڪار نياز احمد راهوجو واري واقعي ۾ ملوث ڏوهارين جي گرفتاري جي سلسلي ۾ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب جي سربراهيءَ ۾ شڪارپور ضلعي جي جمال پور ٿاڻي جي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن خلاف ٽارگيٽڊ آپريشن ڪيو ويو، جنهن ۾ ايس ايس پي شڪارپور، ايس ايس پي لاڙڪاڻو سميت پوليس اٽالن بڪتربند گاڏين، جديد مشينري سميت پوليس نفري وڏي انگ ۾ حصو ورتو. آپريشن دوران پوليس جو ڌاڙيلن سان وقفي وقفي سان فائرنگ جي ڏي وٺ جاري رهي، جنهن ۾ ڪجهه ڌاڙيلن جي زخمي ٿيڻ جا پڻ اطلاع آهن، آپريشن دوران ڌاڙيلن جي ٿاڪن ۽ مورچن کي باهه ڏئي ڊاهي پٽ ڪيو ويو.