لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي ڀينس ڪالوني واري علائقي مان ٻه مهينا اڳ اغوا ڄاڻايل 13ورهين جي اٺين جماعت جي شاگردياڻي دعا شمائلا بروهي چوٿين سول جج اينڊ جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ 164 جو بيان رڪارڊ ڪرائيندي 5 جوابدارن شعبان کيڙو، نعمت لانگاهه، صابر سمون، وقار سمون ۽ باقر کيڙو مٿان اغوا ڪري نشو ڏئي جنسي ڏاڍائي جو الزام لڳايو، دعا شمائلا عدالت ۾ رڪارڊ ڪرايل بيان ۾ چيو ته ته 13 جون تي اٽڪل يارهين وڳي صبح جو جيئن گهران نڪتيس ته ٻن جوابدارن شعبان کيڙو ۽ نعمت لانگاهه مون کي اغوا ڪيو ۽ مون کي ڪار ۾ ڪراچي وٺي ويا جتي جوابدار شعبان مون سان زيادتي ڪئي ۽ ٽن يا چار ڏينهن بعد جوابدار صابر زيادتي ڪئي، صابر حسين لاڙڪاڻو آيو ۽ شعبان کيڙو اٽڪل هفتو ڏيڍ نشي آور دوائون ڏيندو رهيو ۽ ان بعد جوابدار بقار کيڙو مون کي ڪوچ ۾ لاڙڪاڻو وٺي آيو ۽ مون کي ڪار ۾ وڌو جتي ڪار ۾ صابر حسين ۽ باقر کيڙو موجود هئا ۽ انهن سان گڏ وقار سمون پڻ گڏ هو جن مون کي زور رکيو ته ڪورٽ ۾ چئجان ته صابر حسين سمون سان نڪاح ڪنديس ۽ ان کان بعد جوابدار شعبان کيڙو منهنجي ڪنن جا والا لاٿا ۽ وڪرو ڪري ڇڏيا، منهنجي موبائل پڻ ڦر ڪئي، هن چيو ته سمورن جوابدارن کي سخت سزا ڏئي انصاف ڪيو وڃي.