لاڙڪاڻو( رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي جي وليد ٿاڻي جي حد ۾ پوليس اهلڪار مدثر مھيسر فائرنگ ڪري 20 ورهين جي نوجوان موٽرسائيڪلن جي مستري عديل پٽ محمد ڇٽل کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، فائرنگ ۾ مقتول جو مامو فرمان معجزاڻي طور محفوظ رهيو،پوليس لاش پوسٽ مارٽم لاءِ کڻائي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو. هوڏانهن مقتول جي وارثن ايس ايس پي آفيس ٻاهران ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي مقتول نوجوان جي مامي فرمان عباسي ٻڌايو ته پوليس اهڪار مدثر مھيسر منهنجي ڀاڻيجي عديل وٽ موٽرسائيڪل ٺهرائڻ آيو، جوابدار موٽرسائيڪل ۾ سوئچ لڳائڻ جو چئي جهيڙو ڪرڻ بعد فائرنگ ڪرينوجوان کي قتل ڪيو.ٻئي طرف ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو پاران نوٽيس وٺندي عديل ڪلهوڙو کي قتل ڪندڙ پوليس اهلڪار مدثر مهيسر کي فوري طور تي گرفتار ڪرڻ جو ڏيندي ايس ايس پي لاڙڪاڻو رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.پوليس ڪارروائي ڪندي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس اهلڪار مدثر مهيسر باقراڻي تي ڊيوٽي ڪندو آهي