لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) پنجين سنڌ ڪاليج گيمز 2023 جي حوالي سان ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ حڪومت سنڌ جي نگرانيءَ ۾ ستين ڏينهن ڊائريڪٽوريٽ ڪاليج ايجوڪيشن لاڙڪاڻو ريجن لاڙڪاڻو بوائز ڪرڪيٽ ميچون پي سي بي گرائونڊ شڪارپور ۾ کيڏيون ويون. پهرين ميچ ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج رتوديرو جي ٽيم 92 رنز تان ڪاميابي ماڻي ٻي ميچ ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو جي ٽيم ڪاميابي ماڻي. پهرين ميچ ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج رتوديرو جي ٽيم 140 رنز ٺاهيون، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ٺل جي پوري ٽيم 48 رنسن تي ڍير ٿي وئي. ٻي ميچ ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج قمبر جي ٽيم 135 رنز ٺاهيون، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو جي ٽيم 18 هين اوور ۾ هدف پورو ڪري ورتو.