لاڙڪاڻو/رتوديرو (نمائندن وٽان)رتيديري جي بوائز ڊگري ڪاليج ۾ ٿرو بال جا مقابلا ،نئون ديرو جي ٽيم سوڀاري. رتوديرو گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ۾ تعليم کاتي سنڌ جي نگراني هيٺ هلندڙ پنجين سنڌ ڪاليجز گيمز سال 2023 تحت رتوديرو، لاڙڪاڻو، نئون ديرو ۽ مدئجي جي ڊگري ڪاليجن جي شاگردن ٿرو بال جي مقابلن ۾ حصو ورتو. چئني ٽيمن ۾ ٿرو بال جا سخت مقابلا ٿيڻ کانپوءِ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ۽ نئون ديرو جي شاگردن جي ٽيمن وچ ۾ فائنل جو مقابلو ٿيو جنهن ۾ نئون ديرو جي ٽيم 2-0 تان مقابلو کٽي ٽرافي پنهنجي نالي ڪري ڇڏي مهمانن پاران مقابلن ۾ حصو وٺندڙ شاگردن ۾ انعام پڻ ورهايا ويا.