لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ ) ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو مظهر نواز شيخ جي صدارت هيٺ ڊپارٽمينٽل پروموشن ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ لاڙڪاڻو ڊويزن جي 5 ئي ضلعن جي ايس ايس پيز ۽ ايس ايس پي هيڊ ڪوارٽر شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ لاڙڪاڻو رينج جي 95 اي ايس آءِ جميل سولنگي، ذوالفقار چانڊيو، مهدي شاھ، عبدالفتاح چانڊيو، محمد سومرو، اعجاز ابڙو، شمس الدين بيگ ڏهر، امجد سڏايو، نادر ڀنگر، نغمه ناز مزاري، فهميده چنا، فهميده اوڍو، سلميٰ پروين ۽ زڪيه جروار سميت ٻين کي سب انسپيڪٽر جي عهدي تي ترقي ڏني وئي. اجلاس ۾ 110 هيڊ ڪانسٽيبل رياض سولنگي، روشن لاشاري، الياس کهاوڙ، لياقت جهتيال، محمد بخش دايو، محمد الياس سومرو، صابر مسڻ، برڪت ميرجت ۽ ٻين کي اي ايس آءِ جي عهدي تي ترقي ڏني وئي. ان موقعي تي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو مظهر نواز شيخ ترقيون ماڻيندڙ پوليس آفيسرن کي مبارڪون ڏيندي سندن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.