لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي شهر جي رحمت پور ٿاڻي جي پوليس 7 ڏينهن اڳ علي آباد محلي جي رهواسي 14 ورهين جي نينگر ساجد علي کوسو کي موبائيل چوري جي مبينا ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ بعد اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو هو، جنهن کان پوءِ نينگر جي وارثن ٿاڻي جي پوليس اهلڪار ارباب شيخ مٿان ٿاڻي اندر نينگر کي بدفعلي جو نشانو بڻائڻ جو الزام لڳائڻ سان گڏ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو هو ،اهڙي واقعي جو نينگر جي سئوٽ اصغر علي کوسو جي فرياد تي حد جي رحمت پور ٿاڻي تي جوابدار پوليس اهلڪار ارباب شيخ مٿان داخل ڪرائيو ويو آهي. جنهن ۾ بدفعلي واري هنڌ کي ٿاڻي بدران شادي هال پٺيان ڄاڻايو ويو آهي، ڪيس ۾ فريادي موقف اختيار ڪيو آهي ته ساجد علي پٽ حبدار علي کوسو منهنجو سئوٽ آهي، مان پنهنجي ڀاءُ احسان علي چاچي عاشق علي سان گڏجي قطب شادي هال ڏانهن وڃي رهيا هئاسون ته سئوٽ ساجد علي قطب شادي هال جي پويان زمينن کان ڀڄندو آيو، جنهن اچي اسان کي ٻڌايو ته شام مهل ڌاري مان قطب ڪالوني شادي هال وٽ بيٺو هيس ته ڪانسٽيبل ارباب علي شيخ جنهن کي هٿ ۾ پسٽل هيو، جنهن مون کي زوري زمين ڏانهن وٺي گهلي اتي زمين ۾ مون سان زوري بدفعلي ڪئي. رڙين تي ڪانسٽيبل مون کي ڌمڪيون ڏيندي چوڻ لڳو ته جيڪڏهن اها ڳالهه ڪنهن سان ظاهر ڪندي ته توکي ماري ڇڏيندس،  هوڏانهن متاثر نينگر ساجد علي کوسو مٿان سرڪار پاران سب انسپيڪٽر سعيد احمد منگي جي فرياد تي بغير لائسنس پسٽل هٿ ڪرڻ جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن ۾ پوليس موقف اختيار ڪيو آهي ته 23 آڪٽوبر تي رائيس ڪئنال روڊ تي ساجد علي کوسو کي پڪڙيو جنهن وٽان بغير لائسنس پسٽل هٿ ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي لاڙڪاڻي شهر جي رحمت پور ٿاڻي جي پوليس اهلڪار ارباب شيخ جي مبينا بدفعلي جو نشانو بڻيل شهر جي علي آباد پاڙي واسي نينگر ساجد علي کوسو ۽ پوليس اهلڪار ارباب شيخ کي رحمت پور  پوليس طرفان ڌار ڌار لاڙڪاڻي جي فورٿ سول جج اينڊ جڊيشل مئجسٽريٽ امتياز حسين شاهاڻي جي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي عدالت نينگر ساجد علي کوسو ۽ بد فعلي الزام هيٺ آيل پوليس اهلڪار ارباب شيخ کي ٻن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته نينگر ساجد علي کوسو کي مبينا طور ٿاڻي اندر پوليس اهلڪار جي بدفعلي جو نشانو بڻائڻ واري معاملي کي لئي مٽي ڪرڻ توڙي ڌرين ۾ ٽياڪڙي ڪرائڻ لاءِ پوليس سان گڏ بااثر سرگرم ٿي ويا آهن، ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته نينگر ساجد علي کوسو مٿان داخل بغير لائسنس پسٽل هٿ اچڻ واري ايف آءِ آر ختم ٿيڻ بعد کيس آزاد ڪري معاملي کي حل ڪيو ويندو، ٻئي پاسي گذريل ڏينهن ساجد کوسو جي وارثن اهلڪار خلاف بدفعلي جو الزام لڳائي احتجاجي مظاهرو به ڪيو ويو هو اهڙي معاملي جو صوبائي گهرو وزير ضياءَ لنجار اهڙي واقعي جو نوٽيس وٺندي شفاف جاچ جو حڪم به ڏنو ان باوجود پوليس داخل ڪيس ۾ حراست دوران بدفعلي جو ذڪر نه ڪيو ويو آهي جنهن سبب ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا.

 پوليس اهلڪار پسٽل جي زور تي بدفعلي جو نشانو بڻايو: نينگر

لاڙڪاڻو: متاثر نينگر ساجد علي کوسو ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته رائيس ڪئنال جي ٽاپ تان اچي رهيو هيس ته قطب شادي هال وٽ بيٺل پوليس اهلڪار ارباب شيخ مون کي پسٽل جي زور تي  قطب شادي هال جي پٺيان وٺي وڃي بدفعلي ڪئي بعد ۾ ڪاري ٿيلهي مون کي هٿن ۾ ڏني وئي جنهن ۾ پسٽل هيو جيڪو مون کنيو ته پوليس وارن مون کي پسٽل سميت گرفتار ڪيو. هن چيو ته مون مٿان موبائيل چوري جو ڪو ڪيس ناهي، مون مٿان پسٽل رکڻ جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

 

الزام هيٺ آيل اهلڪار نينگر سان بدفعلي جو اعتراف ڪري ورتو: ذريعا

لاڙڪاڻو: پوليس ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته جاچ دوران گرفتار پوليس اهلڪار ارباب شيخ طرفان نينگر سان بدفعلي جو اعتراف ڪري ورتو آهي جنهن کان وڌيڪ جاچ پڻ ڪئي پئي وڃي.

نينگر کان بنا لائسنس وارو پسٽل مليو هو،  جنهن ڪري ايف آءِ آر ڪئي: جاچ آفيسر

لاڙڪاڻو: ڪيس جي جاچ آفيسر ٻڌايو ته جوابدار ساجد علي کوسو وٽان بغير لائسنس پسٽل هٿ ڪري ان مٿان سرڪار جي فرياد تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، جنهن کان پسٽل بابت جاچ ڪرڻ سان گڏ ان جون وڌيڪ ميڊيڪل جون ٽيسٽون ڪرائڻيون آهن جنهن ڪري جوابدار ساجد علي کوسو کي رمانڊ لاءِ عدالت ۾ پيش ڪيو جتي عدالت کيس ٻن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. هن ٻڌايو ته پوليس اهلڪار ارباب شيخ کي به ساڳي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي عدالت ارباب شيخ کي به ٻن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.