لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي خانگي ميڊيڪل سينٽر ۾ ٽي مهينا اڳ ڄنگهه جي آپريشن دوران شادي شده عورت سان مبينا جنسي زيادتي وارو معاملو، جوابدار ڌر ميڙ منٿ قافلو وٺي متاثر عورت جي وارثن وٽ پهچي وئي، صلاح مشوري لاءِ مهلت طلب. خبر موجب ٽي مهينا اڳ خانگي ميڊيڪل سينٽر ۾ ڄنگهه جي آپريشن دوران شهر جي ڀينس ڪالوني واسڻ شادي شده عورت غلام فاطمه مغيري سان مبينا جنسي زيادتي وارو واقعو پيش آيو هو، ڪالهه جوابدار ڌر طرفان قربان علي شاھ ، علي حسن ڏاھاڻي ۽ مختلف برادرين جي چڱن مڙسن پاران پکو لڳ مغيري برادري جي ڳوٺ ميڙ وٺي پھتي، جتي مغيري برادري پاران ميڙ ۽ سيدن، معززن کي مان ڏيندي ڪجھه ڏينھن جي مھلت گھري وئي، واضع رهي ته ڊي اين اي ٽيسٽ ۾ جوابدارن جا جزا متاثر عورت سان ميچ نه ٿي سگهيا هئا.