لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) ڏوڪري ڀرسان حسن واهڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ شير محمد سهڙو ۾ 15ڏينهن اڳ سهڙو ۽ ماڇي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙي دوران زخمي ٿيل خانگي اسڪول جو نائب قاصد 35 ورهين جو سڪندر سهڙو لاڙڪاڻي جي ٽراما سينٽر ۾ زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، وارثن لاش ايس ايس پي چوڪ تي رکي ڌرڻو هنيو جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، مقتول نوجوان جي وارثن گاجي سهڙو، حافظ در محمد، اصغر، حافظ رجب، منظور قلندري، خورشيد احمد سهڙو ۽ ٻين چيو ته سڪندر سهڙو خانگي اسڪول ۾ نائب قاصد طور ڊيوٽي سرانجام ڏيندو هو. هنن چيو ته 24 مئي 2024ع تي سڪندر سهڙو ڊيوٽي ڪري رهيو هو ته جعفر ماڇي، غلام مصطفيٰ ماڇي، ستار ماڇي ۽ ٻين کيس گولي ۽ ڏنڊا هڻي زخمي ڪيو، اسان کيس لاڙڪاڻو ٽراما سينٽر منتقل ڪيو جتي هن دم ڏنو، جوابدر ڌر مٿان حسن واهڻ ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪرائي پر پوليس گرفتاريءَ لاءِ ڪاروائي نه ڪئي، جوابدار ايف آءِ آر تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته سڪندر علي سهڙو جي قتل ۾ ملوث بااثر جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. ٻئي پاسي اڳوڻي ايم پي اي معظم عباسي ۽ ڊي ايس پي حيدري پارس بکراڻي مقتول جي وارثن سان ملاقات ڪري ڳالهيون ڪيون ۽ انصاف فراهم ڪرڻ جي خاطرائي ڪرائي جنهن کان پوءِ مقتول جي وارثن ڌرڻو ختم ڪري لاش کڻائي ڳوٺ روانا ٿي ويا، لاڙڪاڻو پوليس موجب، جوابدار غلام مصطفيٰ ماڇي ۽ عبدالستار ماڇي کي گرفتار ڪيو ويو.